امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Wednesday 1 May 2013

منهنجو حق هتي رک



منهنجو حق هتي رک

تو سنڌ لُٽي
 تو سنڌ کپائي
تو ٻيٽ وڪيا
مان خاموش رهيس
تو ڌرتي ڌڻين کي سُور ڏنا
مائرُن کي تن جي پٽڙن جا
رت ۾ ريٽيل لاش ڏنا
مان خاموش رهيس
تون پنهنجو هوندي، ڌاريو بڻجي
هن قوم کي پل پل تو پُور ڏنا
مان خاموش رهيس
سنڌ جو هاري، سنڌ جو ناري
اڄ به تنهنجي جُتيءَ هيٺان
دورِ جديد کان ٻچڙا تِن جا
اڄ به ڪوهين ڏور ڏٺا
مان خاموش رهيس، خاموش رهيس

هاڻ نه مان خاموش ٿيندس
هر هاري ناري وٽ ويندُس
اُٿ وڏيري جي پِيرن هيٺان
کڻ ڪُهاڙي، هڻ ڪوڏاري
 ڌرتي جي اُپت کڻ تو هاري
کيڙي سو کائي جو نعرو هڻي
اڄ تون وڏيري کي للڪاري چئو
وقت بدلجي ويو آ
 دنيا ترقيءَ ڪئي آ
تون صدين کان منهنجو رت پيتو
مان صدين کان تو وٽ قرضي آن
اڄ منهنجو ٻچو پڙهي لکي
اهو نعرو بلندو ڪندو سدا
منهنجو حق هتي رک.
هاڻ نه مان خاموش ٿيندس
هر هاري ناري وٽ ويندس
اهو نعرو بلند ڪبو سدا
منهنجو حق هتي رک
منهنجو حق هتي رک.....منظور ڪلهوڙو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>