امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Saturday 16 December 2023

سائين عنايت کٽياڻ سان ملاقات بابت

ن

زندگيءَ جي ڀڄ ڊُڪ ۾، اهڙا پل به ايندا آهن، جيڪي ڏاڍا اهميت جوڳا ٿيندا آهن، تنهن ڪري اڄ سوچيون سين تاريخ جي ورقن کي اٿلائجي ۽ مون سوچيو ته تاريخ سان ئي ملاقات ڪجي، محترم عرض محمد ڪلهوڙو  کي ساڻ ڪري پنهنجي پرين پياري ۽ محسن دوست، همدرد، هم خيال محترم سائين عنايت کٽياڻ سان ملڻ جو شرف حاصل ڪرڻ ۽ سندس جي خير عافيت دريافت ڪرڻ نڪري پيا سين. 

ٻن سالن کان پوء بهترين ۽ محسن انسان سان ملڻ، بلاشڪ منهنجي لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ناهي. جيئن ئي ڪچهري جو سلسلو جڙي پيو، تيئن اسان يادن جي ورقن ۾ سموئجي ويا سين، سندن جو ھڪ پراڻو سفر، جيڪو ادب، تاريخ ۽ سياست جي دائرن تي پکڙيل رهيو آهي ۽ اڃا به پاڻ ان ئي سفر تي گامزن آهن، ان شخصيت سان ادب بابت سٺي ڪچهري پڻ ٿي ،۽ اسان پنهنجن پسنديده ڪتابن، ليکڪن بابت لفطن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي سين ۽ انهن ڪردارن جي ڪهاڻين کي ياد ڪيو سين جيڪي اسان جي مطالعي اندر رهيا، اهي ناول يا ڪهاڻيون پراڻن دوستن وانگر محسوس ڪيون سين جيڪي وسرڻ جوڳا ناهن هوندا، هر هڪ ڳالهڙي، يادن، محبتن، سهپ، ڏاهپ بابت رهي. 


تاريخ، تحقيق مطالعو ۽ سير سپاٽو، بحث جو مرڪز بڻجي ويو. اسان هاڻوڪين تبديلين ۽ ماڻهن جي روين تي پڻ حيران ٿي ويا سين ۽ مطلب پرست، موقعي پرستن بابت پنهنجا ويچار پڻ ونڊيا سين. اسان جا نظريا، انسان ذات جي ت

ترقيءَ ۽ سڌارن جي رنگن سان رنگين رهيا آهن جن نظرين ۽ خيالن جي ڏي وٺ اسان جي ڪچهري جي رومانس ۾ ٻيڻو واڌارو ڪيو،

سياست، اڳواڻ، رهبر، سچا، پڪا، پُختا ۽ ارڏا انسان ۽ شخصيتون پڻ اسان جي ڪچهري جو حصو بڻيل رهيا. 


جيئن ئي اسان الوداع ڪيو، اسان جي کلڻ جي گونج برقرار رهي، پر اکين ۾ آلاڻ پڻ محسوس ڪئي سين۽ ٿورڙي اُٻاڻڪي ۽ اداسي پڻ ڇائنجي وئي ته عمر پنهنجي تيز رفتار گهوڙي تي سوار آهي خبر ناهي وري ڪڏهن ملاقاتون ٿينديون پر ان اميد تي موڪلايو سين ته ڪٿي ملبو، ڪٿي وقت گزاربو ۽ يادون جيڪي اسان پٺتي ڇڏي آيا آهيون تن کي سهيڙي زندگي کي جهاڳڻ جو ڪم جاري رکبو. ٻن سالن کان پوءِ جي ملاقات صرف هڪ ملاقات نه هئي. اها هڪ حقيقت هئي ته ڪجهه دوستي لازوال هوندي آهي، وقت ۽ جڳهه جي پابندين کان پري ٿيندي آهي، جيڪا دوستي لالچ، لوڀ،، ٺڳي کان ڪوهين ڏور صرف، احترام، محبت جي جذبي تي قائم هوندي آهي . هن ملاقات هڪ اتساهه ڏنو ته اي زندگي تون ڪيڏي به ٺڳي ڪر، ڪيڏو به ڌوڏي ڇڏ، پر تنھنجيون چالاڪيون ارڏي انسان کي لوڏي ۽ نمائي نٿيون سگهن،

محترم عنايت کٽياڻ صاحب  سان ملاقات اهڙي ملاقات هُئي ڄڻ هڪ صدي جي انسان سان ملاقات هُئي، ۽ ان صدي جي انسان ۾ ڪيئي صدين جي تاريخ سموئيل هجي جيڪا تاريخ مون جهڙو ماڻهو بيان ڪرڻ، لکڻ جي سگهه نٿو رکي، سائين جن پنهنجي تحقيقي ٻن ڪتابن جو تحفو پڻ عطا ڪيو جيڪي يقينن منهنجي گهر جي لائبريري کي سونهن بخشيندا ۽ منهنجي مطالعي ۾ واڌاري جو سبب بڻجندا..ﷲ پاڪ محترم سائين عنايت کٽياڻ صاحب کي صحت عطا فرمائي ۽ اهڙي ريت ادب، سياست ۽ تاريخ سان جُڙيل رهن ته جئين مون جهڙا اٻوجھ ڪجھ فيض وٺي پنهنجي عقل ۽ فهم کي جلا بخشي سگهن، تحفي ۾ مليل سندس جا ڪتاب.. 

سکر تاريخ جو گلدستو

سنڌ سڀيتا ڀاڱو ٻيو





..

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>