امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Sunday 11 February 2024

رات اسان کان پيارا وڇڙيا

 رات اسان کان پيارا وڇڙيا

چانڊوڪين کان چارا وڇڙا

سانوڻ ڪهڙي ڪارڻ ايندين

 دل وارن کان دل وارا وڇڙيا😭


انسان ڇا آهي اسان اڃا ان ڳجهارت کي ڳولي ناهيون سگهيا، ڪنهنجي هستي ڪيتري عظيم ۽ اُتم آهي، اهو به پرکي ناهيون سگهيا، ڪو اسان منجھ ساڻ هوندي به ڪيترو پري رهي ٿو ان جو به حساب ناهي رکيو، ڪير ڪيترو ويجهو رهي ٿو ڪڏهن ان کي سمجهڻ جي گهرج محسوس ناهي ڪئي، اسان پنهنجي هستيءَ ۾ ايترو ته مگن ۽ مست هجون ٿا ته ڪڏهن ڪنهن کي سمجهڻ جي ضرورت به ناهيون سمجهندا.. بس ساهه آهي ته ويساهه به آهي ته مان آهيان ۽ مان ئي آهيان، اوسي پاسي ڪڏهن نهارڻ به ناهيون چاهيندا، پر اسين انسان آهيون رشتا ناتا، دوستيون اسان جي وجود جو ضامن آهن، انيڪ جذبا، لاڳاپا، قائم رکڻ زندگيءَ جي تسڪين به آهن پر پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي اسان هر هڪ، ننڍڙي انا پرستي ضرور رکون ٿا، جنهن انا پرستيءَ ۾ اسان اهو وقت، اهو احساس، اهي ناتا، اهي واعدا، اهي جذبات جيڪي هڪٻئي سان رکڻ گهرجن، ڪٿي نه ڪٿي انهن کان اسين لنوائي ضرور ويندا آهيون، پر اهو سڀ ڪجھ اسين ناهيون چاهيندا، پر  جهڙي ريت ريل جي سفر ڪرڻ جيان وڻ، ٽڻ، پٿر، پهاڙ، ننڍڙا جھوپڙا، ٻنيون ٻارا، ڳوٺڙا پٺتي ڊوڙندي نظر ايندا آهن ۽ اسين انهن پٺتي رهجي ويندڙ نظارن جو مزو وٺندي منزل طرف جهاڳيندا رهندا آهيون،

تهڙي ريت زندگيءَ جي جهاڳ جهاڳان ۾ پٺتي گذريل ، پل، ساعتون، دوستيون، ناتا، تعلق، ڳانڍاپا پوئتي ڇڏيندي اڳتي وڌڻ جي جدوجهد ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون ۽ ان مشغوليت ۾ اسان گهڻو ڪجھ وڃائي ويٺا هوندا آهيون ۽ اسين سمجهندا آهيون پاڻ ڪاميابي طرف گامزن آهيون ۽ بس اجهو پاڻ سڀني کي پٺتي ڇڏي اڳتي گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون ۽ هاڻ بس زندگيءَ جو لُطف ماڻيندا سين... پر سچ ته احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو قيمتي رشتو پاڻ کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويندو آهي ۽ ان جي سچي پُچي ڪيتري اهميت ۽ قدر آهي اهو ان جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ ئي ٿيندو آهي پر پوءِ وقت گذري چڪو هوندو آهي ۽ اهو حسين منظر جيڪو اسين ريل جي سفر دوران پوئتي ويندي ڏٺو ۽ اسان جي ريل گهڻو اڳتي نڪري وئي هاڻ ان منظر کي ڏسي نٿو سگهجي ته هڪ ڏک ۽ اندر جو اُڌما کائيندڙ احساس روح کي جهنجهوڙي وجهندو آهي ۽ هڪ افسوس ۽ صد افسوس وارو ماتم اندر ۾ مانڌاڻ مچائي وجهندو آهي، پر ڪجھ به ناهي ورندو، نه سفر پوئتي ڪري سگهبو نه اهو گذري ويل منظر ڏسي سگهبو... لفظ ساٿ نٿا ڏين ڇا لکجي، پنهنجي ڪنهن پرين پياري جي وڇوڙي تي، سچ ته اسان جو اندر ناهي چا هيندو ته ڪنهن کان پري ٿجي، پنهنجو وري به پنهنجو ئي ٿيندو آهي، جيئري لکين اختلاف، انائون، ڀوڳ، مزاقون ڪجن پر سچ ته ڪنهن به هڪ جو وڇوڙو جيءُ کي جهوري وجهندو آهي،.. جئين اڄ اسان جو پنهنجو، عزيز اوچتو وڇڙي ويو، ان منظر جيان جئين اسين پئي سمجهيو ته هي وڻندڙ نظارو آهي، پاڻ سفر تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، خير آهي وري ڏسي وٺبو، وري ملي وٺبو، جيڪا آٿت ۽ هڪ اُتساهه هوندو آهي ته وري ملبو، وري ڪچهريون ڪبيون، پر سچ ته اها ئي اسان جي ڀُل ٿيندي آهي ۽ وقت تيز ريل جيان منزل طرف ڊوڙندو رهندو آهي ۽ اسين وقت نه هجڻ جو بهانو ڪري قيمتي رشتن کان معذرت ڪندا رهندا آھيون ته ٻئي ڀيري ملبو، پر سچ ته اهو ٻيو ڀيرو ناهي ملي سگهندو... مان تمام گهڻو ياد ٿو ڪيان اڄ پنهنجي مامي ، سرائي غلام سرور کي جيڪو پنهنجي طبعيت ۾ مست مولائي هيو، ۽ هن جو هڪ پنهنجو انداز هيو، پر سچ ته هو مست قلندر مثل انسان هيو پر اسين پاڻ کي ڏاهپ جي ان منزلن تي سمجهندي هن جي انداز بيان کي نظر انداز ڪري وڏي بيوقوفي جو عظيم مظاهرو ڪري ويهندا هئاسين پر سچ ته اصل ۾ هوُ پاڻ بهترين ۽، بي ضرر، انسان هيو، جنهن پنهنجي اندر جا سمورا درد، ڏک، پيڙائون ڪنهن اڳيان بيان نه ڪيون، اڪيلي سر، عظيم سختيون سهندو رهيو جيڪي سختيون چڱن ڀلن کي ڀڃي ڀورا ڪري وجهن، پر هي شخص پنهنجي والد سڳورو شهيد نانا غلام عمر (پولیس آفيسر) جي وڇڙي وڃڻ کانپوء سموري ڀينرن ۽ ڀائرن لاءِ ڇپر ڇانو بڻجي انهن جا ڏک پنهنجي اندر سموئي خوشحال زندگي ڏيندو رهيو، پاڻ اُس ۾ جلندو رهيو پر گهر ڀاتين کي اندر جي آڙاهه جو تاءُ به لڳڻ نه ڏنائين، سوچيائين ته ٻه ننڍڙا پائر آهن، سهارو بڻجندا، ملڪ ميڙي وٺندا سين سڀ ڏک ڏور ٿي ويندا، پر ڪهڙي خبر ڦوھ جواني ۾، سهڻي ستابي نوجوان ڀاءُ کي ظالم شهيد ڪري وجهندا.. بي ڏوهي، بي گناھ سندس جو سهارو ۽ طاقتور بازو، ڪپيو ويو، هن کان ڀاءُ جو سهارو ڇڄي ويو، پر صبر جي انتها اها ته دشمنن جي خبر هوندي به هڪ آهه به نه نڪتي، هلندو رهيو، منزل طرف پنهنجي مستاني طبعيت سان، پر ڪهڙي خبر حياتيءَ به ساٿ ڇڏي ويندي ۽، ٻڍڙي ماءُ، ٻارڙا ۽ سندس جي  ونيء هميشہ هميشه لاءِ اهو گهاءُ سيني ۾ سانڍي باقي رهيل زندگي هن کان بنا گهاريندا، انسان ان جڳھ تي پهچي بيوس ۽ لاچار بڻجي پوي ٿو، جتان ساهه جي تند ڇڄي پوي ٿي.. ۽ سڀ دڳ بند ٿيندي نظر ايندا آهن پر زندگي آهي سلسلو نه کُٽندڙ آهي، گول دائري جيان پئي ٿي هلي.. پئي ٿي هلي... ، ۽ زندگيءَ به پٺتي رهجي ويل منظر جيان هڪ ڏينهن ساٿ ڇڏي ٿي وڃي ۽ پر هڪ سفر وري به جاري ۽ ساري رهي ٿو، پر ان سفر ۾ پاڻ ناهيون رهندا،..




د

عا ٿا ڪيون ته رب ڪريم، مامي غلام سرور کي جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرمائي ۽ منهنجا اهي تمام ويجهڙا پرين پيارا جيڪي اڄ اسان ۾ ساڻ ناهن اهي سڀ ياد پئجي ويا جن جي وڃڻ جي عمر ڪون هُئي پر هاء ڙي موت مُئا تون اڻ مندائتو آئين... انهن سڀني جي مغفرت لاء پڻ دعا ٿا ڪيون آمين😭🙏

@followers @highlight 

منظور ڪلهوڙو.... 🙏🤲

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>