اپريل
جو مهينو قاتل مهينو ،ڪيئي سڄڻ وڇڙيا اپريل ۾
رهبر
سنڌ، ڀٽو ۽ حسين ساريو ،وڇڙي ويااپريل ۾
پنهنجا
ويجها، رت جا رشتا هنياءُ ڏاري ويا اپريل ۾
الطاف
عباسي،اختر ڪلهوڙو شهيد ٿيا اپريل ۾
جيجل
ماءُ جون هنجون خالي ٿيون اپريل ۾
ڪهڙا
نه ڪهڙا گهاءُ مليا سنڌ جيجل کي
اهي
سڀ سور سهيا سين ، سيني منجهه اپريل ۾،
سنڌ
جو هڪ ارڏو جوڌو هو، هر ماءُ جي اک جو تارو هو
هر
ڀيڻ جو ڀورل ڀاءُ هيو، سنڌين جو هڪ پساهه
هيو
ڌارين
لاءِ ڄڻ دولهه جي للڪار هيو
ويرين
لئه ڄڻ ڪو گهاء هيو، دودي جي تلوار هيو،
اهڙو
ڪونڌر به ڪاري رات ۾ ڪُٺو ويو اپريل ۾
سيد
۽ بشير جي وڇوڙي جي سوڳ ۾ اڃا سنڌ هُئي
هن
سال به ويندي ويندي ڪونڌر ڪُٺا اپريل ۾
منظور ڪلهوڙو
0 comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔