امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 27 February 2015



سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ،
چاندني تو سواءِ نه ٿيندي.

اڃ سڄو ڏينهن رکي رکي ٿي صادق فقير جي سريلي آواز ۾ منهنجي ڪنن ۾ پئي گونجندو رهيو، ها ياد مان هڪ سُرمئي شام جو سچل ڳوٺ جي سائين جي ايم سيد پارڪ ۾ پهتو هيم خبر پئي ته صادق فير به آهي بس مونکي مٿيون سوز ڀريو ڪلام صادق فقير جي آواز ۾ ٻڌڻو هيو..بس محفل هلندي رهي پر صادق فقير نظر ڪين آيو تان جو رات کٽي ۽ باک ڦٽڻ کان اڳ هرڪو وات ڳاڙهو وڃي گهر ڀيڙو ٿيو بس ڪي ڇند ئي سڪ ۽ سوز وارا ويٺل رهيا بس اسُر ويل جئين صادق فقير آيو سازندن سازن کي چيڙيو ته بدن ۾ سيءُ جا سيسراٽ نڪرڻ لڳا..بس ڇا لکان .صادق فقير پنهنجي من کي موهيندڙ آواز ۾ ...هواءُ ۾ هُڳاءُ آآهي.......جو آلاپ جهونگاريائين ته هر طرف هوا ڦيراٽيون ڏئي جهومڻ لڳي..۽ منهنجي جسم جي لون۽ لون۽ ڪانڊرجي وئي...بس اهڙو ته رومانس وارو ماحول هيو جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ مهال آهي..هر اهو باذوق جنهن صادق فقير کي اسُر ويل اهو آلاپيندي ٻڌو هوندو ته يقينن ان مهل جي عشق جو اندازو اهو ئي لڳائي سگهي ٿو ته منهنجي ڇا ڪيفيت هوندي..نيٺ آخر منهنجي من کي موهيندڙ ڪلام ..سکي پيا کي ملي ته چئجئين ته چاندني تو سوا نه ٿيندي. پهريون ڀيرو سامهون ٻڌم ته اکين ۾ محبوبن جو عڪس تري آيو..اهي محبوب جيڪي اڄ وري صادق فقير جي اوچتي وڇوڙي تي وري ياد اچي ويا..۽ اڃ اکيون آليون رهيون ..ڇو ته هڪ ته هن سريلي آواز کي آلاپيندڙ عشق جو جادوگر هن ڀون۽ کان هميشه لاءِ لڏي ويو ۽ محبوبن جو به ڪو پتو کرو ڪونهر ته ڪهڙي حال ۾ هوندا....آلين اکين سان عقيدت منجهان صادق فقير کي ڀيٽا طور هي سٽون سرجيون اٿم..مان مرحوم نه لکندس ڇو ته هو زنده آهي....ان جو سريلو آواز ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي ته..


وڃون ڪنويليو وڃو ، وڃي پرينءَ کي چئو...اڃان پيو جيئان اڃا پيو جيئان..
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>