امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 26 January 2024

اڌوري ڪهاڻي جو ٽڪرو

ھي ھڪ اھڙي انسان جي ڪھاڻي آھي جيڪو پنھنجي گھر توڙي ڳوٺ ۾ پسند نھ ڪيو ويندو ھيو، پر ڪنھن دوست ٻڌايس تہ مان تنھنجو نالو ڪنھنجي ھٿن تي مينديء سان لکيل ڏٺم. يقين نٿي ڪري سگھيو تہ ڪو ھن جھڙي ڪاري ڪوجھي کي بہ ايتري اھميت ڏئي سگھي ٿو. ڪھاڻي جا تہ انيڪ رنگ آھن پر ھڪ پل اوھان جي نظر ڪجي ٿي...

سانول_ ڪينجھر ! مان پنھنجي زندگي ۽ تنھنجي پيار کي ڪوڏر جي پھرين لپي کان ويندي مائوس جي ڊبل ڪلڪ تائين پرکيو آھي. ڇا تون ڄاڻين ٿي جڏھن مان اڻڄاڻائي واري زندگي گھاري رھيو ھيس تہ تنھنجي ئي پيار جي حسِين ڇُھاءُ مون کي اُتساھ بخشيو ھو ۽ تنھنجي ئي حاصلات لاءِ ڳوٺ جون سانت گھٽيون، ٻنيون ٻارا ،اوطاقن جون ڪچھريون ڇڏي، شور ۽ غُل واري شھر ۾ ھليو آيس ۽ جاکوڙ ڪئي تہ تون ملندينءَ ۽ منھنجي جاکوڙ سجائي ٿيندي پر ائين نہ ٿي سگھيو. مون ٻني ٻارن ۾ گپ چِڪ ۾ ھارپو ڪرڻ کان ويندي ڪمپيوٽر جي پروگرامر ٿيڻ تائين جي سفر کي تُنھنجي ئي حاصلات لاءِ ارپيم، پر تون اڄ بہ مون لاءِ سمنڊ جي ڇوليءَ مثل آھين جيڪا ڪناري کي ڇُھي تہ سگھي ٿي پر ڪناري ۾ سموئجي نٿي سگھي.. (يا ...تون مون لاءِ اڄ بہ درياءُ جي ٻئين ڪنڌي مثل رھجي وئينءَ....(لُڙڪ تري آيا)

ڪينجھر_..سانول يقينن اسان پنھنجي پاڻ کي سمجھڻ لاءِ لفظن جا محتاج ناھيون. تنھنجي اندر جي سندرتا انھن ھڙني لفظن کان اُتم آھي ۽ مون ان ئي سندرتا کي تنھن ويل ئي محسوس ڪيو ھو جنھن ويل توکي ڇڙواڳ ٻارن جيان بي فڪري واري دنيا ۾ مست ڏٺو ھيم ۽ نہ تون ڪنھن کي ڀائيندو ھُئين نہ ئي لوڪ توکي ، پر مون تنھنجي اندر جي من مُھڻي انسان جو پنھنجي روح اندر اولڙو اوتجندي ڏٺو ۽ منھنجو جيءُ جرڪي پيو ھو.. ياد ٿئي ان جو اظھار پھريون ڀيرو تنھنجو نالو پنھنجي ھٿن تي مينديءَ سان چٽي ڪيو ھيم ۽ تنھنجي نالي مينديءَ جي خوشبوءِ سان سموئجي منھنجي سموري وجود کي کستوريءَ جيان واسي ڇڏيو.

سانول_ پر سچ تہ تنھنجي ان ئي ڪوملتا واري احساس مون کي محبت جي اونھائي ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ ان جي سندرتا کي مون اڳ ڪڏھن ڀائنيو ئي نہ ھو ۽ تنھنجي پيار جو حسين ڇُھاءُ مونکي جذبن ۽ لاڳاپن جي اُتم درجي تي کڻي ويو ۽ اھو حقيقي احساس ايڏو تہ  وڻندڙ ۽ اونھو ٿيندو ٿي پئي ويو جو ان جو ڪوانت نظر ئي نٿو اچي...۽ اتان موٽڻ مھڻو ٿي لڳو....

ڪينجھر_  نہ منھنجا سانورا! مون کي تہ سچ ۾ تو ئي پيار جي حقيقي معنيٰ سيکاري آھي. تنھنجي موجودگي ، منھنجي زندگيءَ کي سڪون ارپيو آھي ۽ مون تنھنجي ڪارڻ ئي پيار کي وڌيڪ پرکي سگھي آھيان. ۽ مان ڌڻي در ڪنڌ نمائي عاجزي بجا آڻيان ٿي تہ تو جھڙي اڇي ۽ اُجري من رکندڙ انسان کي پنھنجي اندر جو بادشاھ چونڊيو آھي ۽ ان ئي اُجري من منھنجي چاھتن کي سوجھرو ڏنو۽ تنھن پل کان مان ٻانھي بڻجي تنھنجي ڀر ۾ ويھڻ لاءِ سڪندي رھي آھيان.

سانول_ ھا ڪينجھر ! اھو سچ آھي تہ تو ايڏو اُتم درجو ڏنو آھي ۽ اھا اسان جي دلين جي خاموش ٻولي آھي، جا ٻولي ڪنھن آواز جي محتاج ناھي ۽ تنھنجي لفظن جي اظھار کانسواءِ مون تُنھنجي سِڪ ۽سونھن جي سُرور کي ڪنھن آٿت مليل ٻار جي ماٺي من مثل اوتجندي محسوس ڪيو آھي. پر مان بادشاھ نہ تون ڪنھن ڪاڪ محل جي مومل آھين جا اوچين اوچين ڪوٽن منجھ رھين ٿي ۽ مان انھن ڪوٽن کي اُڪرڻ لاءِ اڄ بہ رُڃ وستين ۾ جھاڳندو رھان ٿو. خبر ناھ   ڪيستائين....

ڪينجھر_  پر مون تنھنجي من جي اڻڄاتل دنيا ۾ ھڪ اھڙو پيار پاتو جيڪو سرحدن جي قانون کان ڪونھين ڏور رھيو آھي، جنھن پيار جي وجود مون کي زندگيءَ جي سڀ کان سُندر ۽ لاحد دنيا ڳولڻ ۾ سھڪار ڪئي ۽ تنھنجي ساٿ مون لاءِ ان دنيا جي حقيقتن کي وائکو ڪيو ۽ جيڪر ان دنيا جو اولڙو ھن فاني دنيا تي پئجي وڃي تہ ھوند زندگيءَ کي جوت ۽ جلا ملي پوي ۽ مان امر ٿي پوان.

سانول_ نہ ڪينجھر! ايڏي عظمت ناھي منھنجي پيار جي. پر ھا مان ان ڳالھ تي يقين رکان ٿو تہ ـ محبت زندگيءَ جو بنيادي مادو آھي.. ساھ... ساٿ ۽ دل جي گھرج آھي. ڇا ڪاڻ تہ اھا ئي پيار جي طاقت آھي جيڪا اسان کي جاندار بڻائي ٿي. اھو ئي ساز آھي جيڪو دل جي ھر ڌڙڪڻ کي بامعنيٰ ۽ ساھ جي تند کي تپايون پئي اچي. ۽ تنھنجي منھنجي پيار جو اھو ئي ھڪ اڻ لڀ حصو رھيو آھي جيڪو تون ۽ مان آھيون.

ڪينجھر_ پر سانول! حقيقت ۾ محبت جي اونھائي سڀ کان وڌ اُونھي تڏھن محسوس ٿيندي آھي جڏھن اھا زندگيءَ کان ڏکيا سوال پُڇي ٿي ۽ ھڪ دلفريب ياد ڏياريندي رھي ٿي تہ اسان جو ساٿ ڪيڏو قيمتي ۽ نفيس آھي . ۽ پڻ ھڪ ڌڙڪو رھي ٿو تہ ڪٿي اڻڄاتل ۽ اوپرو ڇھاءُ ان جذبي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري وکيري نہ وجھي.

سانول_ پر ڪينجھر اسان جي محبت عام لفظ کان مٿاھين آھي. اھا زندگيءَ جي رونقن ۽ چاشنين جي لذتن کان پري ھڪ اُتم درجو رکي ٿي ۽ اھو شاندار تعلق آھي جيڪو جذبن ، احساسن جي عظيم پناھ گاھ جوڙي ڇڏي ٿو ۽ محبوب جي ٻانھُن توڙي ساھ جي گرمائش سان جُڙجي محبتن جي ميلاپ کي جيئندان بخشي پڻ ٿو.

ڪينجھر_ سائين تون تہ سچي پُچي عشق جي منزلت جي ان درجي تي وڃي رسيو آھين جو دل ٿي گُھري تہ پنھنجي وجود کي وساري ھميشہ لاءِ تو ۾ سمائجي وڃان ۽ پڻ تنھنجي گولي ۽ غلام بڻجي سموري حياتي تنھنجي پيرن ڀر ويھي تنھنجي عشق جي آڙاھ منجھان پنھنجي وجود کي تاپيندي رھان ۽ امر ٿي وڃان.

سانول_ نہ ڪينجھر ، سچ اھو آھي تہ... تون ئي تہ... مان... بڻجي ويو آھيان...منھنجو اندر ، منھنجو وجود ..منھنجو ناھي رھيو..ھي جو ڪجھ بہ مون ۾... پسين ٿي اھو تون ئي تہ آھين...مان تہ بذات خود ھڪ ڪاري حبشي غلام جيان ٿو ڀانئيان پاڻ کي. جيڪو ملڪان مُلڪ وڪامجي تنھنجي دل جي دنيا تائين اچي پھتو آھي ۽ جنھن کي تو پارس ھڻي انمول ڪري وڌو آھي جو مان پاڻ پنھنجي ان سندرتا سان ساڙ ڪرڻ لڳو آھيان......

 

 

 

 

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔