امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Wednesday 30 July 2014

وقت ئي نٿو ملي

ڪمن ڪارين جي مصروفيتن سبب وقت ئي نٿو ملي جو ڪجهه لکي پنهنجي بلاگ جي سونهن ۾ واڌارو ڪجي، سنڌ سلامت تي به اچڻ گهٽ ٿي رهيو آهي، هڪ ته آفيس کان واپسي تي ٿڪاوٽ سبب جلدي ڪمپيوٽر تي ويهي ڪم ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي ٻيو ته بجلي جو وڏو آزار آهي جنهن سبب ڪجهه لکڻ جو ارادو به ٿئي ٿو ته بجلي جي ايندي ايندي هو به وسريو وڃي، ڪجهه وقت اڳ سائين حفيظ لغاري صاحب جن هڪ ڪتاب جا ڪجهه صفحا ڪپزوز ڪرڻ لاءِ به ڏنا هيا پر اهي به وڏي جاڇوڙ کانپوءِ مڪمل ڪري ڏنم، ڪجهه وقت اڳ سائين رشيد سمون صاحب ۽ سائين سليمان وساڻ صاحب، سائين نٿار صياحب جي ريسٽورنٽ تي ملاقات ٿي اتي به اها ئي شڪايت نظر آئي ته منظور ڪلهوڙو سنڌسلامت تان غائب آهي ۽ ڪنهن به قسم جي وڻندڙ ڪارڪردگي نظر نه آئي آهي، سائين غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب جن به اهو ئي اظهار ڪيو ته شايد ڪم ڪاريون وڌي ويون آهن، ٻيو ته ٺهيو پر عيد جي موقعي تي به سڄڻن سان ملاقات لاءِ وقت ناهي ڪڍي سگهيا آهيون، منهنجا سڄڻ دوست جتي به هجن خوش هجن عيد جون لکين لکين واڌايون شل جڙيا هجن شابس هجي سائين رشيد سمون صاحب ۽ سائين سليمان وساڻ صاحب کي جيڪي انتهائي مصروف هئڻ جي باوجود سنڌ سلامت سان ساهه جو رشتو رکيون ٿا اچن، منهنجو سلام سموري سنڌ سلامت جي سٿ کي ۽ عيد جون لکين واڌايون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>