....منظور ڪلهوڙو
زندگيءَ جون ڪجهه حقيقتون ايتريون ته تلخ ۽ روح کي رهڙا ڏيندڙ هونديون آهن جو
اهي اسان جي وجود سان ائين وڪوڙجي وينديون آهن جئين ڪا وڻ ويڙهي ڪنهن سڳنڌ بخشيندڙ
سهڻي وڻ کي وڪوڙجي ان جي سونهن کي بد صورت ۽ بي رونق بڻائيندي آهي، پوءِ اسين ان
مان آجا ٿيڻ لاءِ انهن تلخين جي پاڙن کي پنهنجي وجود کان ڇڪي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا
ته ويتر اهي حقيقتون اسان جي ئي وجود کي زخمي ڪري ٿيون وجهن، اڄ جي دور ۾ جتي
انسان ترقيءَ جا سڀ مرحلا پار ڪندي زندگيءَ جو سڀ آسائشون پاڻ لاءِ گڏ ڪيون آهن ته
اتي وري سوين انسان لاچاري ۽ بيوسي جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، اهڙن ماڻهن جي
زندگيءَ ۾ ته هر روز ڄڻ ٻه ويلا ماني کائڻ جو بندوبست ڪرڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ
ڪونهي پر جيڪڏهن ان مٿان ڪا مصيبت يا ڪو حادثو اچي ڪڙڪي ته ويتر ان جي دنيا اونڌي
ٿيو وڃي، اهڙو ئي واقعو ڪجهه منهنجي اکين اڳيان به گذريو، جيتوڻيڪ مان به ان ئي
حادثي جي صدمي جو شڪار آهيان پر جيڪي ڏک ۽ پيڙاءُ جا وڍ مونکي محسوس ٿي رهيا آهن
ان کا سوين درجا ان ڏک جي اذيت اها ماءُ ڀوڳي رهي هوندي جنهن جي هنياءُ جو ٽڪرو
جنهن کي ان پنهنجي هنج ۾ لوليون ڏئي تاتي وڏو ڪيو هوندو، اها ماءُ جيڪا ٻار جي
بانبڙا پائن کانپوءِ پهريان پنڌ ڪندي ٿاٻڙجي ڪري پوڻ تي ڇرڪجي وڃي پنهنجي ٻچڙي کي
ڇاتيءِ ساڻ لائيندي آهي ته اها ماءُ پنهنجي 19 سالن ڪونڌر نوجوان پٽ کي راهه ويندي
صبح جي ٿڌڙي پهر ۾ ايڏي بي رحميءَ سان تيز رفتار ڪار جو ٽڪر هڻي رت ۾ وهنجاريو وڃي
ته ان اذيت، ان پيڙاءُ جي آڳ ماءُ جهڙي هستيءَ پنهنجي سيني ۾ ائين ڀوڳيندي هوندي
جئين ڪو ٻرندڙ جبل پنهنجي اندر آڳ کي جوالا مُکي بڻائي ان جي ڄر ۾ پاڻ کي ساڙي راتون
ڏينهن رک ڪندو هجي، جئين ته اسان جي
معاشري ۾ مغربي دنيا جي آزاد خياليءِ جو غلبو، تيز رفتار ترقيءَ، انٽر نيٽ تي
وڌندڙ فهاشيءِ ۽ حرام مان ڪمايل پيسو جتي عام غريب طبقي کي وڏي مونجهاري ۾ وجهي
ڇڏيو آهي ته اتي مٿاهين طبقي جي ماڻهن جو دماغ به وري پنهنجي جاءِ تي نه رهيو آهي،
اڄ جي سول سوسائٽي جا رکوالا مرد ۽ عورتن سان دوستيءَ کي وري آزاد خياليءَ جو نالو
ڏئي مهذب پڻي جو اعلي ا مثال بڻائي پيش ڪري رهيا آهن ته اهو به اڄ جي دور جي اهم
گهرج آهي، پوءِ ڀل اسان جو معاشرو ان ڳالهه کي قبولي يا نه قبولي پر اهي ان ۾ ئي پنهنجي
ترقي ٿا سمجهن جتي انهن جون ماءُ ، ڀينرون وتن سر عام مردن دوستيون ڪنديون. ، اهڙي ئي هڪ گلستان جوهر ۾ رهندڙ با اثر خاندان
جي اوباش ڇوڪري پنهنجي اسڪول ۾ پڙهائي جي وقت کي پنهنجي عياشيءَ جو وقت مقرر ڪري
پنهنجي پيءِ پاران ڏنل نيو ماڊل ڪار ۾ پنهنجي دوستن جن ۾ ڇوڪريون به هيون ساڻ ڪري
پوري آواز سان ميوزڪ وڄائيندي، ڇوڪرين سان مستيون ڪندي انتهائي غير ذميداريءَ سان
ڪار کي 100 جي رفتار مينهن واءُ ڪندي زگ زيگ جيان ڪار کي عرب ملڪن جي اوباشن پاران
نئون طريقو ايجاد ڪندي ڪار کي نئين انداز ۾ تيز رفتاري سان پنهنجي ڪرتب جا رنگ
ڏيکاريندي ٿي آيو، ڪڏهن ڪنهن ڪوچ اڳيان ٿي لنگهيو ته ڪڏهن ڪنهن آهستي ويندڙ ڪار کي
اوور ٽيڪ ٿي ڪيو ته ان جي مهارت تي سندس دوستن پاران ڪار اندر هُوڪرا يا تاڙين جا
آواز گوجڻ شروع ٿي ٿي ويا، ته ان ئي روڊ تي پنهنجي آهستي واري ٽريڪ تي موٽر سائيڪل
تي ويندڙ يونيورسٽي جو طالبعلم الطاف احمد عباسي به وڃي رهيو هيو، جئين هن اوباش
پنهنجي ڪار ان ئي تيز رفتاري سان ڪرتب ڏيکاريندي زگ زيگ ڪندي تيز رفتار واري ٽريڪ
کان هڪ ڪار کي اوور ٽيڪ ڪندي آهستي واري ٽريڪ تي آيو ته يڪدم الطاف احمد جي موٽر
سائيڪل ۽ ان جي ڪار جي وچ ۾هڪ فٽ کن جو به مفاصلو وڃي نه رهيو هيو جو الطاف احمد
عباسي کي هو وچان ڪراس ڪري وڃي، ۽ ني الطاف احمد کي ڪا وڌيڪ فت پاٿ طرف جڳهه هُئي جو
ان طرف پاڻ کي لاڙي وجهي، پر الطاف احمد کي ته اها سمق ئي نه رهي ته ڪا ايڏي آفت
منهنجي مٿان اچي پهتي آهي، ڪو به پهر، ڪا ساعت، ڪا مهلت به نه ملي سگهي ته ڪو
بچاءُ جو رستو نڪري سگهي ڏسندي ئي ڏسندي الطاف احمد عباسي ان ئي ڪار جيڏي رفتار
سان هوا ۾ اُڏامندو وڃي فٽ پاٿ تي لڳل هڪ بجلي جي ٿنڀيءَ سان وڃي ٽڪرايو ۽ اچي پٽ
تي ڪريو، ان اوباش جنهنجو نالو معظم علي معلوم ٿيو آهي ته بوکلائجي ويو ان جهٽ ۾
بريڪ ڏني پر تيسيتائين گهڻي دير ٿي چڪي هُئي ان جي بريڪ ڏيڻ تي ان جي ڪار هڪدم
گهُماٽي کائي وڃي هڪ پنڌ ويندڙ پيرسن جنهنجي عمر لڳ ڀڳ 65 سال کن هُئي کي به
چيڀاٽيندي ٿي وئي، ۽ وڃي فٽ پاٿ ۾ وڃي اٽڪي بيهي رهي، هڪدم ماڻهن جو رش ٿي ويو،
ماڻهن ته همت ڪري ان ڪار واري کي ڇوڪرين سوڌو سوگهو ڪيو، ان سان گڏ ڪار هلائيندڙ
جو هڪ ٻيو دوست فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ماڻهن هڪدم زخمين کي اسپتال لاءِ کڻي
وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ، گلستان جوهر جي ان علائقي ۾ جوهر چورنگي لڳ اهو واقعو پهرين
اپريل 2013 تي 10.30 منٽن تي ٿيو، پر ماڻهو جيستائين زخمين کي اسپتال کڻي وڃن
تيسيتائين گهڻي دير ٿي وئي هُئي الطاف احمد عباسي ڌڪ جي سٽ سهي نه سگهيو ۽ اتي ئي
موقعي تي هن فاني دنيا مان هميشه جي لاءِ موڪلائي شهادت ماڻيائين، ۽ اهو راهگير پڻ
ٿڏي تي ئي فوت ٿي چڪو هو، ماڻهن وٺ وٺان ڪري، ان اوباش کي پوليس جي حوالي ڪيو،
ٻنهي جي لاشن کي جناح اسپتال پهچايو ويو، اها خبر الطاف احمد توڙي ان پيرسن جي
وارثن لاءِ مٿان وڄ ڪري پوڻ جي برابر هُئي، سمورو خاندان سوڳواري جي حالت ۾ جناح
اسپتال پهچي چڪو، جتان الطاف احمد جا وارث پنهنجي نوجوانڙي جو رت ۾ ريٽيل لاش
پهنجي اباڻي ڳوٺ نصير آباد لڳ واسو ڪلهوڙو کڻائي ويا هوڏانهن پوليس پنهنجي ڪاروائي
ڪري ڪيس فائيل ڪيو ۽ ٻن ڏينهن اندر چالان ڪري ملزم معظم کي جيل اُماڻي ڇڏيائون،
ڪار کي ٿاڻي تي پنهنجي ڪسٽڊي ۾ وٺي ڇڏيائون، پر جئين ته اڄ جي معاشري ۾ پيسو وڏو
اثر ٿو ڏيکاري اهڙيءَ ريت ان اوباش ملزم جيڪو اڃا 18 سالن جو به نه آهي جنهن جو
ڊرائونگ لائسنس ٺهڻ جي به عمر ڪونهي ان جي پيءُ پاران ڪار ڏئي سرعام عياشيون ڪندڙ
پنهنجي پٽ کي پيسن جو استعمال ڪندي 12هن ڏينهن جي اندر 50 لک رپيا ڏئي ضمانت تي
آزاد ڪرائن ۾ ڪامياب ٿي ويو، هيڏانهن جڏهن الطاف احمد جا وارث ڳوٺان موٽي واپس آيا
ته پوليس ، جج جي ريڊر ۽ جوابدار جي وڪيل ملي ڀڳت ڪري ڪيس لئي مٽي ڪرڻ جي سڀ ڪوشش
ڪندي جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪرائي ويا، هوڏانهن الطاف احمد جي وارثن پاران
پوليس اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اڃا اسان پاران شاهدن جا بيان ئي نه ورتا ويا آهن
۽ جڏهن ته ڪيس به ناقابل ضمانت تحت درج ٿيل قلم 322 لڳايو آهي ته اهو ايترو جلد
ڪئين آزاد ٿي سگهي ٿو، معلوم ڪيو ويو ته ريدر صاحب ۽ جوابدار جي وڪيل قلم 322 کي
قلم 320 ۾ فوٽو ڪاپي وسيلي تبديل ڪرائي ان ڪيس کي صرف هڪ حادثو ڄاڻائي ضمانت جوڳو
ڪري ان جي ضمانت منظور ڪرائي وئي آهي، هاڻ جڏهن ته الطاف احمد عباسي جي وارثن
پاران قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي ان جي هن مهل تائين ڪا به پيروي نه ٿي سگهي آهي،
ڇو ته ڪو به وڪيل ان ڪيس کي وٺڻ لاءِ وڏي رقم گهري ٿو جيڪا وڃي لکن ۾ پوي ٿي، هاڻ
جيڪڏهن ڪير به وڪيل لکين رپيا وٺي ڪري به ان جي جوابدار کي سزا نٿو ڏياري سگهي ته
الطاف احمد جي وارثن جا لکين رپيا ته ٻڏن ئي ٻڏن پر انهن جي 19 سالن جي نوجوان جو
خون به لڙهڻ جو خدشو آهي، اهو ته وڌيڪ قانوندان ئي سمجهي سگهن ٿا ته آخر رود حادثي
۾ڪير به ڪنهن بيگناهه کي ماري ٿو وجهي ۽ اهو ٿڏي تي فوت ٿي وڃي ته ان جي ڪيس کي حادثو
ڇو ٿو قرار ڏنو وڃي ڇا اهو سراسر قتل ڪونهي؟ ڇا ان جي جوابدار کي قتل جي ڏوهه ۾
سزا نٿي لڳي سگهي؟ ڇا قتل صرف اهو آهي ڪنهن کي بندوق يا پسٽل سان فائر ڪري ته اهو
قتل جو مقدمو آهي، ڪير به پنهنجي عياشيءَ ۽ پنهنجي لذتن جي اُڃ اُجهائڻ جي ڪري
قانون جي لتاڙ ڪندي، ڪنهن معصوم بيگناهه شهري کي روڊ تي سرعام چيچلائي ماري ٿو
وجهي ته اهو هڪ بيگناهه جان جو ضياع ڪونهي، ڇا اهو وڏو قانوني ڏوهه ڪونهي جو هڪ
ننڍي عمر جو فرد ڪار کي ايڏي لاپرواهي سان هلائي ٿو، ۽ ان کي ڪو به قانون لاڳو
ڪندڙ عملدار نٿو روڪي ۽ نه ئي مٿس ڪا قانوني سختي ڪئي ٿي وڃي ته پوءِ ان سموري
وارتا ۾ ڏوهه ڪنهجو ٿئي ٿو؟ قانون جي ادارن جو؟ انهن اوباشن جي والدين جو؟ يا ها
لڳي ٿو اهو سمورو ڏوهه ان مظلوم جو ئي آهي
جيڪي بيگناهه روڊ تي ماريا وڃن ٿا؟ اسان حڪومت وقت کان ۽ انصاف جي وڏي اداري سپريم
ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي الطاف احمد عباسيءَ جي وارثن سان انصاف ڪرڻ جي اپيل ٿا
ڪيون ته جئين وري ڪو ٻيو معظم جهڙو اوباش پنهنجي عياشيءِ جو مظاهرو ڪندي ڪنهن
الطاف احمد جهڙي سٻاجهڙي ۽ والدين جي سهاري کي نه کسي وجهي.
0 comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔