امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Wednesday 10 April 2013

قرآن مجيد جي فضيلت، اهميت شان ۽ مقام

سنڌ اسلام ڊاٽ ڪام تان کنيل۔۔ان ويب سائيٽ جي ايڊمن پاران لکيل۔۔۔اوهان سڄڻن لاءِ ونڊ ڪيان ٿو۔ طالب دعا۔ منظور ڪلهوڙو

لَوْ أَنْزَلْنَا هَذَا الْقُرْآَنَ عَلَى جَبَلٍ لَرَأَيْتَهُ خَاشِعًا مُتَصَدِّعًا مِنْ خَشْيَةِ اللهِ (سورة الحشر: 21) ترجمو: الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن اسان هن قرآن مجيد کي جبل تي لاهيون ها ته هي جبل به الله جي خوف کان ڊڄي ڦاٽي پوي ها. يعني قرآن مجيد اهڙي عظمت ۽ شان وارو ڪتاب آهي جو جبل جهڙي مضبوط شيءِ به ان جي ذميداري نه ٿي کڻي سگهي. ٻي آيت سڳوري ۾ الله رب العالمين فرمائي ٿو:



إِنَّ هَذَا الْقُرْآَنَ يَهْدِي لِلَّتِي هِيَ أَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِينَ الَّذِينَ يَعْمَلُونَ الصَّالِحَاتِ أَنَّ لَهُمْ أَجْرًا كَبِيرًا (9) (الاسراء: 19)

ترجمو: هي قرآن مجيد سڌو ۽ مضبوط رستو ڏيکاري ٿو ۽ مومن کي خوشخبري ڏئي ٿو. هُدًي للمُتَّقِيۡنَ. متقي ۽ پرهيزگار انسانن لاءِ هدايت آهي. ۽ حديثن ۾ قرآن مجيد کي پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ عمل ڪرڻ وارن جي فضيلت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
عَنْ عُثْمَانَ ﷦عَنِ النَّبِىِّ ﷺ قَالَ « خَيْرُكُمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْقُرْآنَ وَعَلَّمَهُ» (بخاري)
سيدنا عثمان ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته اوهان مان ڀلو انسان اهو آهي جيڪو قرآن مجيد پاڻ پڙهي ۽ ٻين کي پڙهائي. مطلب ته نيڪي جا ته ٻيا به ڪم گهڻا آهن پر قرآن مجيد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تمام بهتر ڪم آهي. ان ڪري اسان کي به گهرجي ته قرآن مجيد پاڻ پڙهون ۽ ٻين کي به پڙهايون.
عَبْدَ اللَّهِ بْنَ مَسْعُودٍ ﷦ يَقُوۡلُ قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ «مَنْ قَرَأَ حَرْفًا مِنْ كِتَابِ اللهِ فَلَهٗ بِهٖ حَسَنَةٌ وَالْحَسَنَةُ بِعَشْرِ أَمْثَالِهَا لاَ أَقُولُ الم حَرْفٌ وَلٰـكِنْ أَلِفٌ حَرْفٌ وَلاَمٌ حَرْفٌ وَمِيمٌ حَرْفٌ ». (ترمذي)
سيدنا عبدالله بن مسعود ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن قرآن مجيد جو هڪ اکر پڙهيو ان لاءِ نيڪي آهي ۽ هڪ نيڪي جي بدلي ڏهن نيڪين جو اجر ملي ٿو. پاڻ ﷺ جن فرمايو ته الم هڪ حرف نه آهي پر الف الڳ حرف آهي، لام الڳ حرف ۽ ميم الڳ حرف آهي. يعني ته الم پڙهڻ سان 30 نيڪيون ملن ٿيون. هاڻي غور ڪريو ته قرآن مجيد پڙهڻ واري کي ڪيتريون نيڪيون ملن ٿيون. مثال: قرآن مجيد جي سڀ کان ننڍي سورت الکوثر آهي جنهن ۾ 63 حرف آهن ته ايتري ننڍي سورت پڙهڻ سان 600 کان به وڌيڪ نيڪيون ملن ٿيون
عن ابن عمر ﷦ قال قال رسول الله ﷺ- قَالَ « لاَ حَسَدَ إِلاَّ فِى اثْنَتَيْنِ رَجُلٌ آتَاهُ اللَّهُ الْقُرْآنَ فَهُوَ يَقُومُ بِهِ آنَاءَ اللَّيْلِ وَآنَاءَ النَّهَارِ وَرَجُلٌ آتَاهُ اللَّهُ مَالاً فَهُوَ يُنْفِقُهُ آنَاءَ اللَّيْلِ وَآنَاءَ النَّهَارِ » .
(رواه مسلم) سيدنا عبدالله بن عمر ﷦ فرمائي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته حسد (يعني) ريس ٻن ڪمن کان سواءِ صحيح نه آهي. هڪ قرآن مجيد کي رات ۽ ڏينهن پڙهڻ ۽ ٻيو خرچ ڪرڻ يعني نيڪي جي ڪمن ۾ رات ۽ ڏينهن خرچ ڪرڻ گهرجي. مطلب ته قرآن مجيد پڙهڻ ۾ هڪ ٻئي سان ريس ۽ مقابلو هجڻ کپي.

عَنْ أَبِى هُرَيْرَةَ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللهِ -صلى الله عليه وسلم- « أَيُحِبُّ أَحَدُكُمْ إِذَا رَجَعَ إِلَى أَهْلِهِ أَنْ يَجِدَ فِيهِ ثَلاَثَ خَلِفَاتٍ عِظَامٍ سِمَانٍ ». قُلْنَا نَعَمْ. قَالَ « فَثَلاَثُ آيَاتٍ يَقْرَأُ بِهِنَّ أَحَدُكُمْ فِى صَلاَتِهِ خَيْرٌ لَهُ مِنْ ثَلاَثِ خَلِفَاتٍ عِظَامٍ سِمَانٍ ». (رواه مسلم) سيدنا ابوهريره ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ڇا ڪو شخص پسند ڪري ٿو ته اهو پنهنجي گهر وڃي ۽ ٽي ڏاچيون طاقتور حاصل ڪري. صحابه ڪرام چيو ڇو نه اي الله جا رسول (ﷺ) پاڻ سڳورن فرمايو ته ٽي آيتون قرآن مجيد مان پڙهڻ نماز ۾ بهتر آهن. ٽي طاقتور ڏاچين کان. ۽ ٻي روايت ۾ آهي ته چار آيتون بهتر آهن چار ڏاچين کان.
وَمِنْ أَعْدَادِهِنَّ مِنَ الإِبِلِ ». (رواه: مسلم)
يعني ته عرب ۾ اُٺ تمام بهترين مال سمجهيو وڃي ٿو پر ان کان بهتر نفعي جي لحاظ سان قرآن مجيد جي آيتن جي تلاوت آهي.

عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ عَمْرٍو رضي الله عنهما عَنِ النَّبِىِّ -صلى الله عليه وسلم- قَالَ « يُقَالُ لِصَاحِبِ الْقُرْآنِ اقْرَأْ وَارْتَقِ وَرَتِّلْ كَمَا كُنْتَ تُرَتِّلُ فِى الدُّنْيَا فَإِنَّ مَنْزِلَتَكَ عِنْدَ آخِرِ آيَةٍ تَقْرَأُ بِهَا ». قَالَ أَبُو عِيسَى هَذَا حَدِيثٌ حَسَنٌ صَحِيحٌ.
سيدنا عبدالله بن عمرو ﷦ فرمائين ٿا ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن قرآن مجيد پڙهڻ واري ۽ عمل ڪرڻ واري کي چيو ويندو ته تون قرآن مجيد پڙهندو وڃ، جنت جي چاڙين تي چڙهندو وڃ جتي قرآن مجيد جي آخري آيت ختم ٿئي اها تنهنجي آخري منزل ۽ آخري مقام آهي. مطلب ته قرآن مجيد پڙهڻ واري لاءِ جنت ۾ اعليٰ مقام آهي. عن عبد الله بن عمر ﷦ قال : قال رسول الله ﷺ: « إن هذه القلوب تصدأ ، كما يصدأ الحديد إذا أصابه الماء » قيل : يا رسول الله ، وما جلاؤها ؟ قال : « كثرة ذكر الموت وتلاوة القرآن » (رواه البيهقي في شعب الايمان) سيدنا عبدالله بن عمر ﷦ فرمائين ٿا ته رسول الله ﷺ جن فرمايو جيئن لوهه کي زنگ (ڪٽ) چڙهي ٿو اهڙي نموني سان انسان جي دل تي ڪٽ چڙهي ٿي. صحابه سڳورن پڇيو ته اي الله جا رسول (ﷺ) پوءِ انهي جي صفائي ڪيئن ڪجي پاڻ فرمايائون قرآن مجيد جي تلاوت وڌيڪ ڪجي، يعني قرآن مجيد جي تلاوت سان دل صاف ٿئي ٿي، گمراهي ۽ نفاق مٽجي وڃي ٿو، انهي ڪري قرآن مجيد جي تلاوت وڌيڪ ڪئي وڃي، ته جيئن اسان جي دلين کي سڪون ۽ راحت ملي.

عن عمر بن الـخطاب ﷦ قال قال رسول الله ﷺ« إِنَّ اللَّهَ يَرْفَعُ بِهَذَا الْكِتَابِ أَقْوَامًا وَيَضَعُ بِهِ آخَرِينَ ».
(رواه مسلم) سيدنا عمر بن خطاب ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد جي ڪري ئي قومن کي بلند ڪري ٿو ۽ ڪئي قومن کي هيٺ ڪري ٿو. مطلب ته جيڪي ماڻهو ۽ جيڪا به قوم قرآن مجيد تي عمل ڪري ٿي ته انهي کي الله تعاليٰ عروج ۽ غلبو، حڪمراني ۽ عزت ڏئي ٿو ۽ جيڪا قوم قرآن مجيد تي عمل نه ٿي ڪري ته ان جي عروج کي زوال ۾ عزت کي ذلت ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، بلڪه قرآن مجيد جي آيت آهي: وَقَالَ الرَّسُولُ يَا رَبِّ إِنَّ قَوْمِي اتَّخَذُوا هَذَا الْقُرْآَنَ مَهْجُورًا (الفرقان: 30) ترجمو: قيامت جي ڏينهن نبي ﷺ الله تعاليٰ جي درٻار ۾ عرض ڪندو ته يا الله! منهنجي قوم قرآن کي ڇڏي ڏنو. پوءِ جنهن قوم جي باري ۾ پاڻ ﷺ دانهين يا ان جي خلاف شاهدي ڏين، ٻڌايو انهي ماڻهو کي ڪيئن ڪاميابي ملندي. منهنجا مسلمان ڀائرو! قرآن مجيد هڪ بابرڪت ڪتاب آهي ۽ جيڪا فضيلت انهي ڪتاب کي ملي آهي اها ڪنهن ٻئي آسماني ڪتاب کي نه ملي آهي، ڇو ته هن ڪتاب کي پهرين تمام ڪتابن جي لاءِ سچو بنائي موڪليو ويو ۽ نازل ڪيو ويو. الله رب العالمين جو فرمان آهي:

إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ (الحجر:9) ته ڪٿي وري الله تعاليٰ انهي کي فرقان جو شرف حاصل ڪيو. تَبَارَكَ الَّذِي نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلَى عَبْدِهِ (الفرقان:1)
اهڙي طرح الله تعاليٰ هن قرآن مجيد کي موعظت شفا ۽ رحمت ۽ هدايت وارو ڪيو.
يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءَتْكُمْ مَوْعِظَةٌ مِنْ رَبِّكُمْ وَشِفَاءٌ لِمَا فِي الصُّدُورِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِلْمُؤْمِنِينَ (يونس:57)
الله رب العزت پنهنجي هن ڪتاب کي پنهنجي سڀ کان آخري نبي ليڪن رتبي ۽ مان ۾ اعليٰ پيغمبر امام الانبياءَ رسول الله ﷺ جن تي نازل فرمايو ۽ هي الله تعاليٰ جو رسول آهي جنهن کي الله تعاليٰ تمام ماڻهن ۽ ساري امت لاءِ رحمت لعالمين بنائي مبعوث فرمايو. نبي ﷺ جي شريعت تمام شريعتن کان آسان ۽ افضل آهي ۽ مڪمل شريعت جو شرف هن شريعت کي حاصل آهي. قرآن مجيد جي فضيلت بيان ڪندي سيدنا براء بن عاذب ﷦ فرمائي ٿو: ته هڪ شخص سوره الکهف جي تلاوت ڪري رهيو هو ۽ انهي جي پاسي کان هڪ گهوڙو ٻڌل هو انهي شخص تلاوت شروع ڪئي گهوڙي ٽپڻ شروع ڪيو. تلاوت ڪرڻ واري جي مٿان ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ ويجهو ويجهو ٿيڻ لڳا ۽ ان گهڙي زياده ٽپڻ شروع ڪيو ۽ اهو شخص صبح جو نبي ڪريم ﷺ وٽ آيو ۽ پاڻ سڳورن کي انهي جو ذڪر ٻڌايائين. پاڻ ﷺ جن فرمايو هي سڪونت هئي، رحمت هئي، وقار هو جيڪو قرآن مجيد جي پڙهڻ سان نازل ٿيو هو. الله تعاليٰ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمين

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔