لاڙڪاڻي
ضلعي جي تڪ پي ايس 38 تي سنڌ يونائيٽد پارٽي پاران نامزد ڪيل اميد وار سيد
محمد شاهه بخاري هڪ بي باڪ ، با همت ۽ غريب النفس انسان آهي سچ ڳالهه اها
آهي ته هن ڀيري جيڪا سنڌ اندر تبديلي آئي آهي يا عام ماڻهن وچ جيڪو شعور
پيدا ٿيو آهي ته ڪنهن به وڏيري غدار کي ووٽ نه ڏبو ۽ هن ڀيري سچي، همدرد، ۽
هڏ ڏوکي کي اڳتي آڻي ماضيءِ ۾ ٿيل سنڌ سان ويساهه گهاتين جو ازالو ڪجي، ان
جي هڪ جهلڪ اسان جي سامهو آهي ته هن ڀيري اهڙن ئي اميدوارن کي ووٽ ڏئي
اڳتي آڻڻ گهرجي ته جئين سنڌ جي حقيقي روح کي زندهه ڪري سنڌ جي زخمي ٿيل
وجود تي مرهم رکي سنڌ ڌرتي جي بقا ءَ کي قائم رکجي..اسين سنڌين گهڻو ڪجهه
وڃايو آهي، هميشه آزمايلن کي آزمايو آهي، هڪ همدرد سنڌي هئڻ جي ناتي اسان
سڀني جو فرض آهي ته هن ڀيري اها غلطي نه ڪندا سين، هن ڀيري سچ پچ ڄاتل
سڃاتل غريب طبقي مان اٿندڙ هڏ ڏوکي ۽ بي باڪ جوڌي کي ووٽ ڏيندا سين. اهو
ٿيڻ به گهرجي ڇو ته هي ئي وقت آهي ته اسان اهڙين ماڻهن کي اڳتي آڻي پنهنجي
دردن جو درمان ڪجي. اهڙو ئي درويش صفت ، يارن لاءِ سر جي بازي ڏيڻ لاءِ اڳ
اڳرو، لاڙڪاڻي جي موئن جي دڙي جي چيڪي
مٽيءِ مان جنم وٺندڙ نوجوان سيد محمد شاهه بخاري به هڪ آهي، هي ڪو روايتي
پير يا شاهه، يا سيد ڪونهي، هي هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ٻه ويلا ماني
پنهنجي محنت سان ڪمائي کائيندڙ سموري گهر ڀاتين جو بار ڪلهن تي کڻندڙ
کاهوڙي انسان آهي. يقينن جيڪڏهن هن ڀيري سنڌي قوم اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏئي
ڪامياب ڪيو ته سڇ پچو ته روايتي وڏيرن، پيرن، ۽ ميرن جو اثر پاش پاش ٿي
ويندو ۽ پوءِ اها روايت هميشه لاءِ سنڌ جي متيءَ ۾ دفن ٿي ويندي ته ڪي
وڏيرا به سنڌ جا نمائنده چونڊبا هئا. ۽ هاڻ ان روايت کي ٽوڙڻو ئي پوندو نه
ته اهي روايتي پير، مير، وڏيرا سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کي ٽوڙڻ ۾ ڪا به ڪسر
نه ڇڏيندا..مان صرف اهو ان ڪري نٿو لکان ته ڪو هي منهنجو ڄاتل سڃاتل آهي،
پر جيڪي مونکي سڃاڻن ٿا اهي ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته منهنجو اٿڻ ويهڻ اهڙن ئي سنڌ
۽ سنڌي ماروئڙن جو درد رکندڙ سڄاڻ دوستن سان ئي آهي. جيڪي منهنجي ڳالهه
سان اتفاق ڪندا. ته پوءِ اچو هن ڀيري سيد محمد شاهه بخاري جهڙن ماڻهن کي
پنهنجي تڪ ۾ ڪامياب ڪرايون ته جئين سنڌي قوم جي ڏکن جو ازالو ٿي سگهي. هر
ڪو پنهنجي آس پاش اهڙن ماڻهن جي ڳولا ڪيو ۽ انهن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ذاتي
طور ماڻهن وٽ هلي وڃي ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرايو. اهو ئي وقت آهي سنڌ جي
تبديلي جو ۽ روايتي سياست جي خاتمي جو...جنهن کي به ووٽ ڏيو ماضي ءِ ۾ ٿيل
سنڌ جي سورن کي ياد ضرور ڪجو..سدائين گڏ
0
comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
0 comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔