امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Monday 29 April 2013

اپريل جو مهينو



اپريل جو مهينو قاتل مهينو ،ڪيئي سڄڻ وڇڙيا اپريل ۾
رهبر سنڌ، ڀٽو ۽ حسين ساريو ،وڇڙي ويااپريل ۾
پنهنجا ويجها، رت جا رشتا هنياءُ ڏاري ويا اپريل ۾
الطاف عباسي،اختر ڪلهوڙو شهيد ٿيا اپريل ۾
جيجل ماءُ جون هنجون  خالي ٿيون اپريل ۾
ڪهڙا نه ڪهڙا گهاءُ مليا سنڌ جيجل کي
اهي سڀ سور سهيا سين ، سيني منجهه اپريل ۾،
سنڌ جو هڪ ارڏو جوڌو هو، هر ماءُ جي اک جو تارو هو
هر ڀيڻ جو ڀورل ڀاءُ هيو،  سنڌين جو هڪ پساهه هيو
ڌارين لاءِ ڄڻ دولهه جي للڪار هيو
ويرين لئه ڄڻ ڪو گهاء هيو، دودي جي تلوار هيو،
اهڙو ڪونڌر به ڪاري رات ۾ ڪُٺو ويو اپريل ۾
سيد ۽ بشير جي وڇوڙي جي سوڳ ۾ اڃا سنڌ هُئي
هن سال به ويندي ويندي ڪونڌر ڪُٺا اپريل ۾


منظور ڪلهوڙو

http://sphotos-c.ak.fbcdn.net/hphotos-ak-frc1/207132_593662457334563_612161385_n.jpg


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

شهيد اختر ڪلهوڙو جي ياد ۾..


جنهن کي بروز جمعه 31 مارچ 2000 ع ۾ ڪجهه نامعلوم غنڊن صبح جي پهر ۾ اغوا ڪري رات جي پهر ۾ گولي هڻي شهيد ڪري وڌائون ۽ پوليس سان ملي ڀڳت ڪري ڳوٺ جي مُک روڊ تي اڇلي ويا ، جنهن کانپوءِ پوليس اچي ان کي مقابلو ڄاڻائي الزام هنيو ته اسان سان فائرنگ ڪندي ماريو ويو آهي. هاڻ هڪ باشعور پڙهيل لکيل انسان جيڪو ڪراچي ۾ هڪ سرڪاري کاتي اندر نجي اداري ۾ ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ڪندڙ هيو، اهو شخص هڪ ڏوهاري ڪئين ٿو ٿي سگهي، اصل ڪارڻ اهو هيو جو ڪجهه ڏينهن اڳ موڪل تي ڳوٺ ويل هيو ته انهن ڏينهن ۾ هڪ پنهنجي ئي هڪ نوجوان جي قتل ٿي وڃڻ جو مُک شاهد هجڻ ڪري ان کي اهڙي سزا ڏني وئي..اڄ ان واقعي کي 13 سال گذري ويا آهن پر ڪا به خبر نه پئجي سگهي ته ان جو اصل قاتل ڪير آهي؟؟ شايد اپريل جو مهينو ئي اسان جو قاتل آهي..اپريل جي مهيني وڏا سُور ڏنا آهن. تڏهن ته مون هڪ سال اڳ بشير خان قريشيءِ جي قتل ٿيڻ تي ڪجهه سٽون سرجيون هيون ته اپريل جو ميهنو قاتل مهينو.

شهيد اختر ڪلهوڙو ۽ اپريل ۾ اسان کان جدا ٿي ويندڙن کي ارپيان ٿو.

ساري شــهر وســايا پٿر ، جن ســــان چڪنا چور هُيو،
... پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا ، مُڙس ته ڪو منصور هُيو !

وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ، گيت سان جي گُونج ڪئي،
چانڊوڪيءَ ۾ چَنگُ وڳو ٿي، رات پرينءَ جو پُور هُيو.

ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اُڄ مُئي !،
سِج ازل جي اک لڳو ٿي ، اُن ۾ ايڏو نُور هُيو !.

دريا دريا هُن جو مَن هو ، صـحرا صحرا نيڻ هُيا،
پَل جو پانڌيئڙو آيو هو ، وڃڻو هُن کي دُور هُيو.

ڏينهن تَتي جو آيو آهين ، اڳ ۾ آئين ڇو نه ” اياز “ ،
ڇپري ڇَپري ڇانوَ هُئيم جنهن وقت نِمنُ ۾ ٻُور هُيو !
 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday 25 April 2013


اهو چنڊ ئي ته آهي جو محبوبن سان ملائي ٿو..نه ته ان کان ڏوري جو احساس جيءُ کي جهوري وجهي..مونکي منهنجي پرينءَ چيو هيو جڏهن پاڻ نه ملي سگهندا سين ته پاڻ ڪئين ڏسندا سان هڪٻئي کي..مون چيو هيو مانس ته هر مهيني جي چوڏهين رات تون به گهر جي اڱڻ تي اچي ويندي ڪر مان به پنهنجي گهر جي اڱڻ تي ايندس، پوِء چنڊ مان نڪرندڙ من موهيندڙ ڪرڻا جڏهن به تنهنجي اک کي ڇُهن ته انهن ئي ڪرڻن وسيلي تون مونکي ڏسي پنهنجي سڪ لاهجانءِ..۽ جڏهن اهي ساڳيا ڪرڻا منهنجي اکين منجه پوندا ته ڄڻ مان به توکي پسي ورتو..بس پوءِ هاڻ خبر ناهه پرينءَ جي ته اهو چوڏهين رات پنهنجي اڱڻ تي ايندو آهي يا نه پر مان هر چوڏهين رات اڱڻ تي ويهي پرينءَ جي ديدار جون سڪون لاهيندو آهيان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday 22 April 2013

ڪجهه احوال دل جي موسم جو.

اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي؛

ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته وڻندڙ موسم اچي ويندو آهي جو يادن جو وڻندڙ سلسلو مٺڙي هير بڻجي لون  لون کي مهڪائي وجهندو آهي، ڪڏهن ان موسم سان سلهاڙيل دوستن سان گهاريل اهي ڪي پل ياد پئجي ويندا آهن ته ڪٿي محبوب جون چنچل ادائون بادلن پٺيان سج جيان ليئا پائي من اندر ڪتڪايون ڀريو ٿيو ڇڏن۔۔ اهي موسمون ئي ته آهن جيڪي اسان جي يادن جي سلسلن کي اسان سان جوڙينديون ٿيون اچن۔۔اڄ به ڪجهه اهڙو ئي موسم ٿي ويو آهي منهنجي اوسي پاسي ۾، بادلن مٿان گجگوڙ ته صبح جي پهر کان ئي شروع ٿي وئي هُئي پر ڪجهه پل گذرڻ کان پو برسات جي ڦُڙين پنهنجون شرارتون شروع ڪري ڏنيون ته ڀنل مٽي جي خوشبو جئين ئي من اندر اوتجندي ٿي وئي ته يادن جو نه کٽندڙ سلسلو جيڪو ان چيڪي مٽي جي خوشبو سان واڳيل آهي جاري ۽ ساري ٿي ويو۔۔بس پو هميشه جيان استاد جون هي سٽون هڪ سرير ڏيندڙ آواز ۾ من جي پاتال منجهه واڄٽ ڪري گونجڻ لڳنديون آهن۔۔
هن موسم ۾ گڏ يار هجي، پيون بوندو وسن ۽ بهار هجي۔۔
۽ پڻ
سرمد جا ڳايل آهي ٻول ته۔۔۔
جڏهن ڪنهن به بادل ولهاريون وسايون ، الا ڇو اوهان جو اکيون ياد آيون۔۔۔


هاڻ ڏسون ٿا ته هن موسم ۾ اوهان جا ڇا خيال آهن۔۔ڇا اهو سڀ ڪجهه اوهان سان به آهي، ته پو هت ونڊ ڪيو۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Sunday 21 April 2013

هڪ تلخ حقيقت..جيڪا وسارڻ به گهرون نٿي وسري..



....منظور ڪلهوڙو

زندگيءَ جون ڪجهه حقيقتون ايتريون ته تلخ ۽ روح کي رهڙا ڏيندڙ هونديون آهن جو اهي اسان جي وجود سان ائين وڪوڙجي وينديون آهن جئين ڪا وڻ ويڙهي ڪنهن سڳنڌ بخشيندڙ سهڻي وڻ کي وڪوڙجي ان جي سونهن کي بد صورت ۽ بي رونق بڻائيندي آهي، پوءِ اسين ان مان آجا ٿيڻ لاءِ انهن تلخين جي پاڙن کي پنهنجي وجود کان ڇڪي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته ويتر اهي حقيقتون اسان جي ئي وجود کي زخمي ڪري ٿيون وجهن، اڄ جي دور ۾ جتي انسان ترقيءَ جا سڀ مرحلا پار ڪندي زندگيءَ جو سڀ آسائشون پاڻ لاءِ گڏ ڪيون آهن ته اتي وري سوين انسان لاچاري ۽ بيوسي جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، اهڙن ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ته هر روز ڄڻ ٻه ويلا ماني کائڻ جو بندوبست ڪرڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ ڪونهي پر جيڪڏهن ان مٿان ڪا مصيبت يا ڪو حادثو اچي ڪڙڪي ته ويتر ان جي دنيا اونڌي ٿيو وڃي، اهڙو ئي واقعو ڪجهه منهنجي اکين اڳيان به گذريو، جيتوڻيڪ مان به ان ئي حادثي جي صدمي جو شڪار آهيان پر جيڪي ڏک ۽ پيڙاءُ جا وڍ مونکي محسوس ٿي رهيا آهن ان کا سوين درجا ان ڏک جي اذيت اها ماءُ ڀوڳي رهي هوندي جنهن جي هنياءُ جو ٽڪرو جنهن کي ان پنهنجي هنج ۾ لوليون ڏئي تاتي وڏو ڪيو هوندو، اها ماءُ جيڪا ٻار جي بانبڙا پائن کانپوءِ پهريان پنڌ ڪندي ٿاٻڙجي ڪري پوڻ تي ڇرڪجي وڃي پنهنجي ٻچڙي کي ڇاتيءِ ساڻ لائيندي آهي ته اها ماءُ پنهنجي 19 سالن ڪونڌر نوجوان پٽ کي راهه ويندي صبح جي ٿڌڙي پهر ۾ ايڏي بي رحميءَ سان تيز رفتار ڪار جو ٽڪر هڻي رت ۾ وهنجاريو وڃي ته ان اذيت، ان پيڙاءُ جي آڳ ماءُ جهڙي هستيءَ پنهنجي سيني ۾ ائين ڀوڳيندي هوندي جئين ڪو ٻرندڙ جبل پنهنجي اندر آڳ کي جوالا مُکي بڻائي ان جي ڄر ۾ پاڻ کي ساڙي راتون ڏينهن رک ڪندو هجي،  جئين ته اسان جي معاشري ۾ مغربي دنيا جي آزاد خياليءِ جو غلبو، تيز رفتار ترقيءَ، انٽر نيٽ تي وڌندڙ فهاشيءِ ۽ حرام مان ڪمايل پيسو جتي عام غريب طبقي کي وڏي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته اتي مٿاهين طبقي جي ماڻهن جو دماغ به وري پنهنجي جاءِ تي نه رهيو آهي، اڄ جي سول سوسائٽي جا رکوالا مرد ۽ عورتن سان دوستيءَ کي وري آزاد خياليءَ جو نالو ڏئي مهذب پڻي جو اعلي ا مثال بڻائي پيش ڪري رهيا آهن ته اهو به اڄ جي دور جي اهم گهرج آهي، پوءِ ڀل اسان جو معاشرو ان ڳالهه کي قبولي يا نه قبولي پر اهي ان ۾ ئي پنهنجي ترقي ٿا سمجهن جتي انهن جون ماءُ ، ڀينرون وتن سر عام مردن دوستيون ڪنديون. ،  اهڙي ئي هڪ گلستان جوهر ۾ رهندڙ با اثر خاندان جي اوباش ڇوڪري پنهنجي اسڪول ۾ پڙهائي جي وقت کي پنهنجي عياشيءَ جو وقت مقرر ڪري پنهنجي پيءِ پاران ڏنل نيو ماڊل ڪار ۾ پنهنجي دوستن جن ۾ ڇوڪريون به هيون ساڻ ڪري پوري آواز سان ميوزڪ وڄائيندي، ڇوڪرين سان مستيون ڪندي انتهائي غير ذميداريءَ سان ڪار کي 100 جي رفتار مينهن واءُ ڪندي زگ زيگ جيان ڪار کي عرب ملڪن جي اوباشن پاران نئون طريقو ايجاد ڪندي ڪار کي نئين انداز ۾ تيز رفتاري سان پنهنجي ڪرتب جا رنگ ڏيکاريندي ٿي آيو، ڪڏهن ڪنهن ڪوچ اڳيان ٿي لنگهيو ته ڪڏهن ڪنهن آهستي ويندڙ ڪار کي اوور ٽيڪ ٿي ڪيو ته ان جي مهارت تي سندس دوستن پاران ڪار اندر هُوڪرا يا تاڙين جا آواز گوجڻ شروع ٿي ٿي ويا، ته ان ئي روڊ تي پنهنجي آهستي واري ٽريڪ تي موٽر سائيڪل تي ويندڙ يونيورسٽي جو طالبعلم الطاف احمد عباسي به وڃي رهيو هيو، جئين هن اوباش پنهنجي ڪار ان ئي تيز رفتاري سان ڪرتب ڏيکاريندي زگ زيگ ڪندي تيز رفتار واري ٽريڪ کان هڪ ڪار کي اوور ٽيڪ ڪندي آهستي واري ٽريڪ تي آيو ته يڪدم الطاف احمد جي موٽر سائيڪل ۽ ان جي ڪار جي وچ ۾هڪ فٽ کن جو به مفاصلو وڃي نه رهيو هيو جو الطاف احمد عباسي کي هو وچان ڪراس ڪري وڃي، ۽ ني الطاف احمد کي ڪا وڌيڪ فت پاٿ طرف جڳهه هُئي جو ان طرف پاڻ کي لاڙي وجهي، پر الطاف احمد کي ته اها سمق ئي نه رهي ته ڪا ايڏي آفت منهنجي مٿان اچي پهتي آهي، ڪو به پهر، ڪا ساعت، ڪا مهلت به نه ملي سگهي ته ڪو بچاءُ جو رستو نڪري سگهي ڏسندي ئي ڏسندي الطاف احمد عباسي ان ئي ڪار جيڏي رفتار سان هوا ۾ اُڏامندو وڃي فٽ پاٿ تي لڳل هڪ بجلي جي ٿنڀيءَ سان وڃي ٽڪرايو ۽ اچي پٽ تي ڪريو، ان اوباش جنهنجو نالو معظم علي معلوم ٿيو آهي ته بوکلائجي ويو ان جهٽ ۾ بريڪ ڏني پر تيسيتائين گهڻي دير ٿي چڪي هُئي ان جي بريڪ ڏيڻ تي ان جي ڪار هڪدم گهُماٽي کائي وڃي هڪ پنڌ ويندڙ پيرسن جنهنجي عمر لڳ ڀڳ 65 سال کن هُئي کي به چيڀاٽيندي ٿي وئي، ۽ وڃي فٽ پاٿ ۾ وڃي اٽڪي بيهي رهي، هڪدم ماڻهن جو رش ٿي ويو، ماڻهن ته همت ڪري ان ڪار واري کي ڇوڪرين سوڌو سوگهو ڪيو، ان سان گڏ ڪار هلائيندڙ جو هڪ ٻيو دوست فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ماڻهن هڪدم زخمين کي اسپتال لاءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ، گلستان جوهر جي ان علائقي ۾ جوهر چورنگي لڳ اهو واقعو پهرين اپريل 2013 تي 10.30 منٽن تي ٿيو، پر ماڻهو جيستائين زخمين کي اسپتال کڻي وڃن تيسيتائين گهڻي دير ٿي وئي هُئي الطاف احمد عباسي ڌڪ جي سٽ سهي نه سگهيو ۽ اتي ئي موقعي تي هن فاني دنيا مان هميشه جي لاءِ موڪلائي شهادت ماڻيائين، ۽ اهو راهگير پڻ ٿڏي تي ئي فوت ٿي چڪو هو، ماڻهن وٺ وٺان ڪري، ان اوباش کي پوليس جي حوالي ڪيو، ٻنهي جي لاشن کي جناح اسپتال پهچايو ويو، اها خبر الطاف احمد توڙي ان پيرسن جي وارثن لاءِ مٿان وڄ ڪري پوڻ جي برابر هُئي، سمورو خاندان سوڳواري جي حالت ۾ جناح اسپتال پهچي چڪو، جتان الطاف احمد جا وارث پنهنجي نوجوانڙي جو رت ۾ ريٽيل لاش پهنجي اباڻي ڳوٺ نصير آباد لڳ واسو ڪلهوڙو کڻائي ويا هوڏانهن پوليس پنهنجي ڪاروائي ڪري ڪيس فائيل ڪيو ۽ ٻن ڏينهن اندر چالان ڪري ملزم معظم کي جيل اُماڻي ڇڏيائون، ڪار کي ٿاڻي تي پنهنجي ڪسٽڊي ۾ وٺي ڇڏيائون، پر جئين ته اڄ جي معاشري ۾ پيسو وڏو اثر ٿو ڏيکاري اهڙيءَ ريت ان اوباش ملزم جيڪو اڃا 18 سالن جو به نه آهي جنهن جو ڊرائونگ لائسنس ٺهڻ جي به عمر ڪونهي ان جي پيءُ پاران ڪار ڏئي سرعام عياشيون ڪندڙ پنهنجي پٽ کي پيسن جو استعمال ڪندي 12هن ڏينهن جي اندر 50 لک رپيا ڏئي ضمانت تي آزاد ڪرائن ۾ ڪامياب ٿي ويو، هيڏانهن جڏهن الطاف احمد جا وارث ڳوٺان موٽي واپس آيا ته پوليس ، جج جي ريڊر ۽ جوابدار جي وڪيل ملي ڀڳت ڪري ڪيس لئي مٽي ڪرڻ جي سڀ ڪوشش ڪندي جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪرائي ويا، هوڏانهن الطاف احمد جي وارثن پاران پوليس اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اڃا اسان پاران شاهدن جا بيان ئي نه ورتا ويا آهن ۽ جڏهن ته ڪيس به ناقابل ضمانت تحت درج ٿيل قلم 322 لڳايو آهي ته اهو ايترو جلد ڪئين آزاد ٿي سگهي ٿو، معلوم ڪيو ويو ته ريدر صاحب ۽ جوابدار جي وڪيل قلم 322 کي قلم 320 ۾ فوٽو ڪاپي وسيلي تبديل ڪرائي ان ڪيس کي صرف هڪ حادثو ڄاڻائي ضمانت جوڳو ڪري ان جي ضمانت منظور ڪرائي وئي آهي، هاڻ جڏهن ته الطاف احمد عباسي جي وارثن پاران قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي ان جي هن مهل تائين ڪا به پيروي نه ٿي سگهي آهي، ڇو ته ڪو به وڪيل ان ڪيس کي وٺڻ لاءِ وڏي رقم گهري ٿو جيڪا وڃي لکن ۾ پوي ٿي، هاڻ جيڪڏهن ڪير به وڪيل لکين رپيا وٺي ڪري به ان جي جوابدار کي سزا نٿو ڏياري سگهي ته الطاف احمد جي وارثن جا لکين رپيا ته ٻڏن ئي ٻڏن پر انهن جي 19 سالن جي نوجوان جو خون به لڙهڻ جو خدشو آهي، اهو ته وڌيڪ قانوندان ئي سمجهي سگهن ٿا ته آخر رود حادثي ۾ڪير به ڪنهن بيگناهه کي ماري ٿو وجهي ۽ اهو ٿڏي تي فوت ٿي وڃي ته ان جي ڪيس کي حادثو ڇو ٿو قرار ڏنو وڃي ڇا اهو سراسر قتل ڪونهي؟ ڇا ان جي جوابدار کي قتل جي ڏوهه ۾ سزا نٿي لڳي سگهي؟ ڇا قتل صرف اهو آهي ڪنهن کي بندوق يا پسٽل سان فائر ڪري ته اهو قتل جو مقدمو آهي، ڪير به پنهنجي عياشيءَ ۽ پنهنجي لذتن جي اُڃ اُجهائڻ جي ڪري قانون جي لتاڙ ڪندي، ڪنهن معصوم بيگناهه شهري کي روڊ تي سرعام چيچلائي ماري ٿو وجهي ته اهو هڪ بيگناهه جان جو ضياع ڪونهي، ڇا اهو وڏو قانوني ڏوهه ڪونهي جو هڪ ننڍي عمر جو فرد ڪار کي ايڏي لاپرواهي سان هلائي ٿو، ۽ ان کي ڪو به قانون لاڳو ڪندڙ عملدار نٿو روڪي ۽ نه ئي مٿس ڪا قانوني سختي ڪئي ٿي وڃي ته پوءِ ان سموري وارتا ۾ ڏوهه ڪنهجو ٿئي ٿو؟ قانون جي ادارن جو؟ انهن اوباشن جي والدين جو؟ يا ها لڳي ٿو اهو سمورو ڏوهه  ان مظلوم جو ئي آهي جيڪي بيگناهه روڊ تي ماريا وڃن ٿا؟ اسان حڪومت وقت کان ۽ انصاف جي وڏي اداري سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي الطاف احمد عباسيءَ جي وارثن سان انصاف ڪرڻ جي اپيل ٿا ڪيون ته جئين وري ڪو ٻيو معظم جهڙو اوباش پنهنجي عياشيءِ جو مظاهرو ڪندي ڪنهن الطاف احمد جهڙي سٻاجهڙي ۽ والدين جي سهاري کي نه کسي وجهي.  
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday 18 April 2013

لاڙڪاڻي ضلعي جي تڪ پي ايس 38 تي سنڌ يونائيٽد پارٽي پاران نامزد ڪيل اميد وار سيد محمد شاهه بخاري هڪ بي باڪ ، با همت ۽ غريب النفس انسان آهي سچ ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري جيڪا سنڌ اندر تبديلي آئي آهي يا عام ماڻهن وچ جيڪو شعور پيدا ٿيو آهي ته ڪنهن به وڏيري غدار کي ووٽ نه ڏبو ۽ هن ڀيري سچي، همدرد، ۽ هڏ ڏوکي کي اڳتي آڻي ماضيءِ ۾ ٿيل سنڌ سان ويساهه گهاتين جو ازالو ڪجي، ان جي هڪ جهلڪ اسان جي سامهو آهي ته هن ڀيري اهڙن ئي اميدوارن کي ووٽ ڏئي اڳتي آڻڻ گهرجي ته جئين سنڌ جي حقيقي روح کي زندهه ڪري سنڌ جي زخمي ٿيل وجود تي مرهم رکي سنڌ ڌرتي جي بقا ءَ کي قائم رکجي..اسين سنڌين گهڻو ڪجهه وڃايو آهي، هميشه آزمايلن کي آزمايو آهي، هڪ همدرد سنڌي هئڻ جي ناتي اسان سڀني جو فرض آهي ته هن ڀيري اها غلطي نه ڪندا سين، هن ڀيري سچ پچ ڄاتل سڃاتل غريب طبقي مان اٿندڙ هڏ ڏوکي ۽ بي باڪ جوڌي کي ووٽ ڏيندا سين. اهو ٿيڻ به گهرجي ڇو ته هي ئي وقت آهي ته اسان اهڙين ماڻهن کي اڳتي آڻي پنهنجي دردن جو درمان ڪجي. اهڙو ئي درويش صفت ، يارن لاءِ سر جي بازي ڏيڻ لاءِ اڳ اڳرو، لاڙڪاڻي جي موئن جي دڙي جي چيڪي مٽيءِ مان جنم وٺندڙ نوجوان سيد محمد شاهه بخاري به هڪ آهي، هي ڪو روايتي پير يا شاهه، يا سيد ڪونهي، هي هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ٻه ويلا ماني پنهنجي محنت سان ڪمائي کائيندڙ سموري گهر ڀاتين جو بار ڪلهن تي کڻندڙ کاهوڙي انسان آهي. يقينن جيڪڏهن هن ڀيري سنڌي قوم اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ته سڇ پچو ته روايتي وڏيرن، پيرن، ۽ ميرن جو اثر پاش پاش ٿي ويندو ۽ پوءِ اها روايت هميشه لاءِ سنڌ جي متيءَ ۾ دفن ٿي ويندي ته ڪي وڏيرا به سنڌ جا نمائنده چونڊبا هئا. ۽ هاڻ ان روايت کي ٽوڙڻو ئي پوندو نه ته اهي روايتي پير، مير، وڏيرا سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کي ٽوڙڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندا..مان صرف اهو ان ڪري نٿو لکان ته ڪو هي منهنجو ڄاتل سڃاتل آهي، پر جيڪي مونکي سڃاڻن ٿا اهي ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته منهنجو اٿڻ ويهڻ اهڙن ئي سنڌ ۽ سنڌي ماروئڙن جو درد رکندڙ سڄاڻ دوستن سان ئي آهي. جيڪي منهنجي ڳالهه سان اتفاق ڪندا. ته پوءِ اچو هن ڀيري سيد محمد شاهه بخاري جهڙن ماڻهن کي پنهنجي تڪ ۾ ڪامياب ڪرايون ته جئين سنڌي قوم جي ڏکن جو ازالو ٿي سگهي. هر ڪو پنهنجي آس پاش اهڙن ماڻهن جي ڳولا ڪيو ۽ انهن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ذاتي طور ماڻهن وٽ هلي وڃي ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرايو. اهو ئي وقت آهي سنڌ جي تبديلي جو ۽ روايتي سياست جي خاتمي جو...جنهن کي به ووٽ ڏيو ماضي ءِ ۾ ٿيل سنڌ جي سورن کي ياد ضرور ڪجو..سدائين گڏ
 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

حضرت رابعه بصريه رحمته الله عليها



بصره جي هڪ غريب ۽ شريف النفس انسان اسماعيل، جيڪو نهايت عابد، زاهد ۽ وڏو متقي پرهيزگار بزرگ هيو، جنهن کي ٽي ڌيئرون هيو ۽ جڏهن چوٿين نياڻي پيدا ٿي ته ان جو نالو ان سوچ سان ”رابعه“ رکيائون ته رابعه بصري رح جو اسم مبارڪ اسلام جي انهن پاڪيزه ۽  نيڪ عورتن ۾ شامل ٿيندو آهي جن جي شروعات کان وٺي آخر تائين جي سموري زندگي فقر ۽ بي نيازي سان مشهور آهي.
رابعه رح جن جنهن ماحول ۾ اک کولي ته اهو ماحول الله جي رضا ۽ ان جي خوشنودي ، صبر ۽ شڪر جو عملي تفسير هيو. پاڻ جن جا والد سڳورا زماني جون سختيون سهندا هُئا، فاقه ڪشي واري زندگي گهاريندا هُئا، پر ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڦهلائيندا هُئا ۽ نه وري ڪڏهن قدرت خدا جي ڪا شڪايت ڪندا هُئا، ظآهر آهي ته اهڙي صابر ۽ شاڪر پيءُ جي نياڻي جيڪا فطرتي طور تي عابده ۽ زاهده به شروع کان ئي هجي، ته اها هر اچڻ واري زماني ۾ پنهنجي وقت جي صاحب عظمت ۽ خدا ترس خاتون ڪئين نه ٿيندي.
رابعه رح جو والد هڪ مفلوڪ الحال انسان هو. حالت اها هُئي جو جڏهن سندس جي ولادت ٿي ته ڪپڙو ، لٽو ته هڪ طرف ، گهر ۾ ڏيئي کي ٻارڻ لاءِ تيل به ميسر ڪون هيو، رابعه جي والده ماجده جناب اسماعيل کي چيو ته فلاڻي پاڙيواري وٽان ڪجهه تيل وٺي اچ ته ڏيئو ٻارجي، پاڻ اهو عهد ڪري چڪا هيا ته ڪڏهن به ڪنهن کان سوال ڪون ڪندس.پر موقعي جي مناسبت ۽ گهر واري جي زور ڀرڻ تي اتفاقن ڪنهن جي گهر تي ويا، پر اتان خالي هٿين واپس آيا ته گهر واري پڇا ڪئي ته ڇا ٿيو؟ فرمايائون ته انهن دروازو نه کوليو، جناب اسماعيل کي پنهنجي پاڙيواري جي بي رخي ۽ پنهنجو سوال ان وٽ کڻي وڃڻ جو وڏو صدمو پهتو. ان ئي حالت ۾ سوچيندي سوچيندي نند اچي وئي. خواب ۾ رحمت اللعالمين صلي الله عليه وسلم جن جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ سڳورن صه فرماين ته غمگين نه ٿي، تنهنجي گهر ۾ جيڪا ٻارڙي پيدا ٿي آهي اها الله جي وڏي برگزيده ٻانهي آهي. تون صبح جو بصره جي امير وٽ وڃ ۽ منهنجي طرفان هڪ ڪاغذ تي لکي ڏينس ته ” تون هر رات مون تي هڪ سو ڀيرا ۽ جمع جي رات تي چار سو ڀيرا درود شريف پڙهندو آهين. گذريل جمعي جي رات درود شريف پڙهڻ توکان وسري ويو آهي جئين ته ان جي عوض هن شخص کي چار سو دينار ڏئي ڇڏ تنهنجو ڪفارو ادا ٿي ويندو.“ حضرت رابعه رح جي والد حسب ارشاد هڪ تحرير لکي ۽ امير بصره وٽ وڃي پهتو. دربان جي هٿان عرضي موڪلي ڏنائين. اها تحرير ڏسي امير بصره تي وجد طاري ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن مونکي ياد فرمايو آهي ان جي شڪراني ۾ ڏهه هزاردرهم غريبن ۽ فقيرن ۾ تقسيم ڪيا وڃن ۽ چار سو درهم ان بزرگ کي ڏنا وڃن ۽ ان بزرگ کي اندر گهرايو وڃي ته جئين مان ان جي زيارت ڪري سگهان. پر وري هڪدم خيال آيس ته اها خلاف ادب آهي جو مان ان کي اندر گهرايان مان پاڻ ئي ٻاهر ان جي خدمر ۾ حاضر ٿيان ٿو ۽ ان جي رستي کي پنهنجي ڏاڙهي سان صاف ڪيان ٿو. جئين ته امير بصره پاڻ ٻاهر آيا ۽ حضرت رابعه بصري جي والد جا هٿ چميائين ۽ وڏي تعظيم ۽ تڪريم سان مسند شاهي تي ويهاريائين ۽ عرض ڪيائينس ته اڳتي به جيڪڏهن ڪا ضرورت هجي ته منهنجي خدمت حاصل ڪرڻ فرمائجو.
.(تذڪره الاولياءَ)


حضرت رابعه بصريه رحمته الله عليها معاملات ۽ معرفت و طريقت ۾ پنهنجو ڪو به ثاني نه رکندي هُئي پاڻ کي سڀئي وڏي بزرگ ۽ نهايت وڏي معتبر سمجهندا هُئا، حضرت حسن بصري رحمته الله عليه ان وقت تائين وعظ نه فرمائيندو هو جيسيتائين حضرت رابعه بصريه رحمته الله عليها پاڻ تشريف نه آڻن، اعتراض ڪرڻ وارن کي اهو فرمائيندي هُئي”جيڪو شربت هاٿين جي ٿانوَن جو آهي اهو ڪِيولين جي ٿانون ۾ ماپي نه سگندو۔“ پاڻ نهايت ئي پرده دار، عشق ۽ اشتياق سان لبريز، قرب ۽ جمال مريم جي ثاني هُئي، درويش صفت انسان پاڻ جن کي قلندر مڃيندا هُئا۔

پاڻ جن جا ڪجهه قول هيٺ اوهان جي نظر ڪجن ٿا۔

1۔ پاڻي ۾ ترڻ مڇي جو ڪم آهي، هوا ۾ اُڏڻ مک سان ٿي سگهي ٿو، ڪرامت انهن ٻنهي کان ٻاهر آهي۔
2۔ عجيب ۽ غريب فوق العادت معاملات ڏيکارڻ هڪ قسم جو مڪر آهي ۽ ڪرامت استقامت ۾ ئي آهي۔
دل کي قابو ۾ رکڻ ۽ اختيار هجڻ جي باوجود، ناجائز خواهشن تي عمل نه ڪرڻ اصل مردانگي آهي۔
هميشه سٺن ڪمن ۾ مشغل رهڻ جنهن سان ماڻهن کي فائدو رسي ۽ انهن جا ڏک ڏور ٿين، اها زندگي جي نشاني آهي۔
5۔ سڀ کان پهرين عقل ۽ علم سان قابليت پيدا ڪئي وڃي ته جئين خاصيتن ۽ بڇڙاين ۾ باريڪ بيني سان فرق معلوم ڪري صرف نيڪين تي عمل ڪيو وڃي۔
موسمن تي لطف اندوز ٿيڻ ڇڏي ڏيو، موسمن کي بڻائڻ واري کي سڃاڻو۔
جڏهن ته ڪا به عورت نبي مبعوث نه فرمائي وئي، ۽ ڪنهن عورت خدائي جو دعوو به ناهي ڪيو، پر اهو فخر به عورت کي ئي حاصل آهي ته ان جي ئي هنج ۾ انبيا ڪرام، صديقين، صالحين ۽ شهدا ڪرام جن پرورش پاتي آهي ۽ اهو ڪو گهٽ مرتبو ڪونهي۔
جهڙي ريت ميڻ پاڻ کي ساڙي ٻين کي روشني ڏئي ٿي، اهڙي ريت توهان به پنهنجي پاڻ کي ساڙيو ۽ ماڻهن کي روشني ڏيو۔
مونکي رحمآن جي دوستي مان ئي واندڪائي نٿي ملي ته شيطان سان دشمني رکان۔
10۔ جڏهن بندو الله تعالي ا جي قربت اختيار ڪندو آهي ته الله تعالي ا ان کي ان جي عملن جي نقصن جي طرف مائل ڪري ڇڏيندو آهي ته جئين پنهنجي انهن نقصن ۾ مشغول ٿي ڪري مخلوق طرف ان جو ڪو ڌيان ئي باقي نه رهي۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Wednesday 10 April 2013

قرآن مجيد جي فضيلت، اهميت شان ۽ مقام

سنڌ اسلام ڊاٽ ڪام تان کنيل۔۔ان ويب سائيٽ جي ايڊمن پاران لکيل۔۔۔اوهان سڄڻن لاءِ ونڊ ڪيان ٿو۔ طالب دعا۔ منظور ڪلهوڙو

لَوْ أَنْزَلْنَا هَذَا الْقُرْآَنَ عَلَى جَبَلٍ لَرَأَيْتَهُ خَاشِعًا مُتَصَدِّعًا مِنْ خَشْيَةِ اللهِ (سورة الحشر: 21) ترجمو: الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن اسان هن قرآن مجيد کي جبل تي لاهيون ها ته هي جبل به الله جي خوف کان ڊڄي ڦاٽي پوي ها. يعني قرآن مجيد اهڙي عظمت ۽ شان وارو ڪتاب آهي جو جبل جهڙي مضبوط شيءِ به ان جي ذميداري نه ٿي کڻي سگهي. ٻي آيت سڳوري ۾ الله رب العالمين فرمائي ٿو:



إِنَّ هَذَا الْقُرْآَنَ يَهْدِي لِلَّتِي هِيَ أَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِينَ الَّذِينَ يَعْمَلُونَ الصَّالِحَاتِ أَنَّ لَهُمْ أَجْرًا كَبِيرًا (9) (الاسراء: 19)

ترجمو: هي قرآن مجيد سڌو ۽ مضبوط رستو ڏيکاري ٿو ۽ مومن کي خوشخبري ڏئي ٿو. هُدًي للمُتَّقِيۡنَ. متقي ۽ پرهيزگار انسانن لاءِ هدايت آهي. ۽ حديثن ۾ قرآن مجيد کي پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ عمل ڪرڻ وارن جي فضيلت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
عَنْ عُثْمَانَ ﷦عَنِ النَّبِىِّ ﷺ قَالَ « خَيْرُكُمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْقُرْآنَ وَعَلَّمَهُ» (بخاري)
سيدنا عثمان ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته اوهان مان ڀلو انسان اهو آهي جيڪو قرآن مجيد پاڻ پڙهي ۽ ٻين کي پڙهائي. مطلب ته نيڪي جا ته ٻيا به ڪم گهڻا آهن پر قرآن مجيد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تمام بهتر ڪم آهي. ان ڪري اسان کي به گهرجي ته قرآن مجيد پاڻ پڙهون ۽ ٻين کي به پڙهايون.
عَبْدَ اللَّهِ بْنَ مَسْعُودٍ ﷦ يَقُوۡلُ قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ «مَنْ قَرَأَ حَرْفًا مِنْ كِتَابِ اللهِ فَلَهٗ بِهٖ حَسَنَةٌ وَالْحَسَنَةُ بِعَشْرِ أَمْثَالِهَا لاَ أَقُولُ الم حَرْفٌ وَلٰـكِنْ أَلِفٌ حَرْفٌ وَلاَمٌ حَرْفٌ وَمِيمٌ حَرْفٌ ». (ترمذي)
سيدنا عبدالله بن مسعود ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن قرآن مجيد جو هڪ اکر پڙهيو ان لاءِ نيڪي آهي ۽ هڪ نيڪي جي بدلي ڏهن نيڪين جو اجر ملي ٿو. پاڻ ﷺ جن فرمايو ته الم هڪ حرف نه آهي پر الف الڳ حرف آهي، لام الڳ حرف ۽ ميم الڳ حرف آهي. يعني ته الم پڙهڻ سان 30 نيڪيون ملن ٿيون. هاڻي غور ڪريو ته قرآن مجيد پڙهڻ واري کي ڪيتريون نيڪيون ملن ٿيون. مثال: قرآن مجيد جي سڀ کان ننڍي سورت الکوثر آهي جنهن ۾ 63 حرف آهن ته ايتري ننڍي سورت پڙهڻ سان 600 کان به وڌيڪ نيڪيون ملن ٿيون
عن ابن عمر ﷦ قال قال رسول الله ﷺ- قَالَ « لاَ حَسَدَ إِلاَّ فِى اثْنَتَيْنِ رَجُلٌ آتَاهُ اللَّهُ الْقُرْآنَ فَهُوَ يَقُومُ بِهِ آنَاءَ اللَّيْلِ وَآنَاءَ النَّهَارِ وَرَجُلٌ آتَاهُ اللَّهُ مَالاً فَهُوَ يُنْفِقُهُ آنَاءَ اللَّيْلِ وَآنَاءَ النَّهَارِ » .
(رواه مسلم) سيدنا عبدالله بن عمر ﷦ فرمائي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته حسد (يعني) ريس ٻن ڪمن کان سواءِ صحيح نه آهي. هڪ قرآن مجيد کي رات ۽ ڏينهن پڙهڻ ۽ ٻيو خرچ ڪرڻ يعني نيڪي جي ڪمن ۾ رات ۽ ڏينهن خرچ ڪرڻ گهرجي. مطلب ته قرآن مجيد پڙهڻ ۾ هڪ ٻئي سان ريس ۽ مقابلو هجڻ کپي.

عَنْ أَبِى هُرَيْرَةَ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللهِ -صلى الله عليه وسلم- « أَيُحِبُّ أَحَدُكُمْ إِذَا رَجَعَ إِلَى أَهْلِهِ أَنْ يَجِدَ فِيهِ ثَلاَثَ خَلِفَاتٍ عِظَامٍ سِمَانٍ ». قُلْنَا نَعَمْ. قَالَ « فَثَلاَثُ آيَاتٍ يَقْرَأُ بِهِنَّ أَحَدُكُمْ فِى صَلاَتِهِ خَيْرٌ لَهُ مِنْ ثَلاَثِ خَلِفَاتٍ عِظَامٍ سِمَانٍ ». (رواه مسلم) سيدنا ابوهريره ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ڇا ڪو شخص پسند ڪري ٿو ته اهو پنهنجي گهر وڃي ۽ ٽي ڏاچيون طاقتور حاصل ڪري. صحابه ڪرام چيو ڇو نه اي الله جا رسول (ﷺ) پاڻ سڳورن فرمايو ته ٽي آيتون قرآن مجيد مان پڙهڻ نماز ۾ بهتر آهن. ٽي طاقتور ڏاچين کان. ۽ ٻي روايت ۾ آهي ته چار آيتون بهتر آهن چار ڏاچين کان.
وَمِنْ أَعْدَادِهِنَّ مِنَ الإِبِلِ ». (رواه: مسلم)
يعني ته عرب ۾ اُٺ تمام بهترين مال سمجهيو وڃي ٿو پر ان کان بهتر نفعي جي لحاظ سان قرآن مجيد جي آيتن جي تلاوت آهي.

عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ عَمْرٍو رضي الله عنهما عَنِ النَّبِىِّ -صلى الله عليه وسلم- قَالَ « يُقَالُ لِصَاحِبِ الْقُرْآنِ اقْرَأْ وَارْتَقِ وَرَتِّلْ كَمَا كُنْتَ تُرَتِّلُ فِى الدُّنْيَا فَإِنَّ مَنْزِلَتَكَ عِنْدَ آخِرِ آيَةٍ تَقْرَأُ بِهَا ». قَالَ أَبُو عِيسَى هَذَا حَدِيثٌ حَسَنٌ صَحِيحٌ.
سيدنا عبدالله بن عمرو ﷦ فرمائين ٿا ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن قرآن مجيد پڙهڻ واري ۽ عمل ڪرڻ واري کي چيو ويندو ته تون قرآن مجيد پڙهندو وڃ، جنت جي چاڙين تي چڙهندو وڃ جتي قرآن مجيد جي آخري آيت ختم ٿئي اها تنهنجي آخري منزل ۽ آخري مقام آهي. مطلب ته قرآن مجيد پڙهڻ واري لاءِ جنت ۾ اعليٰ مقام آهي. عن عبد الله بن عمر ﷦ قال : قال رسول الله ﷺ: « إن هذه القلوب تصدأ ، كما يصدأ الحديد إذا أصابه الماء » قيل : يا رسول الله ، وما جلاؤها ؟ قال : « كثرة ذكر الموت وتلاوة القرآن » (رواه البيهقي في شعب الايمان) سيدنا عبدالله بن عمر ﷦ فرمائين ٿا ته رسول الله ﷺ جن فرمايو جيئن لوهه کي زنگ (ڪٽ) چڙهي ٿو اهڙي نموني سان انسان جي دل تي ڪٽ چڙهي ٿي. صحابه سڳورن پڇيو ته اي الله جا رسول (ﷺ) پوءِ انهي جي صفائي ڪيئن ڪجي پاڻ فرمايائون قرآن مجيد جي تلاوت وڌيڪ ڪجي، يعني قرآن مجيد جي تلاوت سان دل صاف ٿئي ٿي، گمراهي ۽ نفاق مٽجي وڃي ٿو، انهي ڪري قرآن مجيد جي تلاوت وڌيڪ ڪئي وڃي، ته جيئن اسان جي دلين کي سڪون ۽ راحت ملي.

عن عمر بن الـخطاب ﷦ قال قال رسول الله ﷺ« إِنَّ اللَّهَ يَرْفَعُ بِهَذَا الْكِتَابِ أَقْوَامًا وَيَضَعُ بِهِ آخَرِينَ ».
(رواه مسلم) سيدنا عمر بن خطاب ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد جي ڪري ئي قومن کي بلند ڪري ٿو ۽ ڪئي قومن کي هيٺ ڪري ٿو. مطلب ته جيڪي ماڻهو ۽ جيڪا به قوم قرآن مجيد تي عمل ڪري ٿي ته انهي کي الله تعاليٰ عروج ۽ غلبو، حڪمراني ۽ عزت ڏئي ٿو ۽ جيڪا قوم قرآن مجيد تي عمل نه ٿي ڪري ته ان جي عروج کي زوال ۾ عزت کي ذلت ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، بلڪه قرآن مجيد جي آيت آهي: وَقَالَ الرَّسُولُ يَا رَبِّ إِنَّ قَوْمِي اتَّخَذُوا هَذَا الْقُرْآَنَ مَهْجُورًا (الفرقان: 30) ترجمو: قيامت جي ڏينهن نبي ﷺ الله تعاليٰ جي درٻار ۾ عرض ڪندو ته يا الله! منهنجي قوم قرآن کي ڇڏي ڏنو. پوءِ جنهن قوم جي باري ۾ پاڻ ﷺ دانهين يا ان جي خلاف شاهدي ڏين، ٻڌايو انهي ماڻهو کي ڪيئن ڪاميابي ملندي. منهنجا مسلمان ڀائرو! قرآن مجيد هڪ بابرڪت ڪتاب آهي ۽ جيڪا فضيلت انهي ڪتاب کي ملي آهي اها ڪنهن ٻئي آسماني ڪتاب کي نه ملي آهي، ڇو ته هن ڪتاب کي پهرين تمام ڪتابن جي لاءِ سچو بنائي موڪليو ويو ۽ نازل ڪيو ويو. الله رب العالمين جو فرمان آهي:

إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ (الحجر:9) ته ڪٿي وري الله تعاليٰ انهي کي فرقان جو شرف حاصل ڪيو. تَبَارَكَ الَّذِي نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلَى عَبْدِهِ (الفرقان:1)
اهڙي طرح الله تعاليٰ هن قرآن مجيد کي موعظت شفا ۽ رحمت ۽ هدايت وارو ڪيو.
يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءَتْكُمْ مَوْعِظَةٌ مِنْ رَبِّكُمْ وَشِفَاءٌ لِمَا فِي الصُّدُورِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِلْمُؤْمِنِينَ (يونس:57)
الله رب العزت پنهنجي هن ڪتاب کي پنهنجي سڀ کان آخري نبي ليڪن رتبي ۽ مان ۾ اعليٰ پيغمبر امام الانبياءَ رسول الله ﷺ جن تي نازل فرمايو ۽ هي الله تعاليٰ جو رسول آهي جنهن کي الله تعاليٰ تمام ماڻهن ۽ ساري امت لاءِ رحمت لعالمين بنائي مبعوث فرمايو. نبي ﷺ جي شريعت تمام شريعتن کان آسان ۽ افضل آهي ۽ مڪمل شريعت جو شرف هن شريعت کي حاصل آهي. قرآن مجيد جي فضيلت بيان ڪندي سيدنا براء بن عاذب ﷦ فرمائي ٿو: ته هڪ شخص سوره الکهف جي تلاوت ڪري رهيو هو ۽ انهي جي پاسي کان هڪ گهوڙو ٻڌل هو انهي شخص تلاوت شروع ڪئي گهوڙي ٽپڻ شروع ڪيو. تلاوت ڪرڻ واري جي مٿان ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ ويجهو ويجهو ٿيڻ لڳا ۽ ان گهڙي زياده ٽپڻ شروع ڪيو ۽ اهو شخص صبح جو نبي ڪريم ﷺ وٽ آيو ۽ پاڻ سڳورن کي انهي جو ذڪر ٻڌايائين. پاڻ ﷺ جن فرمايو هي سڪونت هئي، رحمت هئي، وقار هو جيڪو قرآن مجيد جي پڙهڻ سان نازل ٿيو هو. الله تعاليٰ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday 8 April 2013

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

72 فرقن ۾ ڪير ٿو اچي۔


ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيو اتي رات جي پهر ۾ ڪجهه سڄاڻ ۽ علمي ڄاڻ رکندڙ مهذب شخصيتن سان ڪچهري ٿي رهي هُئي اتي موجود هڪ نهايت شفيق شخصيت جنهنجو اسلام توڙي سائنس ۽ مختلف زندگي جي شعبن بابت ڄاڻ ۽ علم رکندڙ آهي موجود هُئا، مخلتف موضوعن تي ڪچهري ٿي رهي هُئي ڳالهيون ڪندي ڪندي 72 فرقن بابت ڳالهه نڪري وئي۔۔مون ان کان هڪ سوال ڪيو جيڪو هن ريت آهي ته ؛
سائين اسان حديثن ۾ ٻڌون ٿا ۽ پڙهون ٿا ته دنيا ۾ 72 فرقا ٿيندا، جڏهن ته اسان وٽ جيڪي به فرقا سامهون آهن انهن وٽ سڀني وٽ اهو ئي پيغام آهي ته اسين ئي ايمان تي آهيون ءٌ۽ سامهو وارو فرقو ڪُفر تي يا ڀٽڪيل آهي، هاڻ ان ڳالهه جي ڪئين تميز ڪجي ته جنهن فرقي ۾ مان آهيان اهو درست آهي يا جيڪو منهنجي اڳيان ٻيو فرقو آهي اهو درست آهي، جڏهن ته ڪير به پاڻ کي غلط نٿو ڪري۔۔؟

منهنجي ان سوال تي ان سڄاڻ ۽ علمي ڄاڻ رکندڙ شخصيت هڪ بهترين ڳالهه ونڊ ڪئي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ مان ته سهمت آهيان، وڌيڪ هر ڪو علم رکندڙ آهي اهو پاڻ ان ڳالهه کي ڪيترو درست ٿو سمجهي اهو ان جو پنهنجو رايو آهي۔

ان فرمايو ته لفظ اوهان چئو ٿا ته 72 فرقا ٻڌا آهن ۽ پڙهيا به آهن انهن ۾ رياضي جي حساب سان 72 جو انگ اچي ٿو، اسين اهو مڃون به ٿا ته 72 ئي فرقا ٿيندا ڇو ته ان 72 فرقن جي ثابتي مخلتف احاديث مبارڪه مان به ملي ٿي هاڻ هڪ لفظ آهي حسد ( ح ، س د) انهن اکرن جا جيڪڏهن اوهان ابجد ڪڍون ٿا ته۔۔ح جا 8 س جا 60 ۽ د جا 4 انگ ٿيندا۔۔۔هاڻ انهن کي جوڙ ڪيو ته 8+60 +4 برابر 72 ٿيندو۔۔۔هاڻ جنهن به ماڻهوءَ جي دل ۾ حسد هوندو اهو انهن ئي 72 فرقن ۾ اچي ٿو وڃي۔۔اهو حسد الله جي نيبن کان هجي، اهو حسد سهڻي ڪريم صلي الله عليه وسلم سان هجي، اهو حسد، الله جي ولين سان هجي، اهو حسد صحابه ڪرام رضه سان هجي، اهو حسد ڪنهن عالم کان هجي، اهو حسد ڪنهن به مسلمان سان هجي۔۔مطلب ته جنهن به حسد ڪيو ان جو ايمان ختم ٿي ويو۔۔ هاڻ اوهان اهو پنهنجي اوسي پاسي ۾ وڃي ڳوليو ته ڪنهن جو ايمان سلامت آهي ڪنهن جو ايمان ان حسد جي آڙاهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو آهي۔۔ڀلا جيڪو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم سان حسد ڪندو ڀلا ان جو ايمان سلامت رهندو؟۔۔ڪڏهن به نه! ته اهڙي ريت جيڪو جيڪو به حسد ڪندو اهو ان ئي 72 فرقن ۾ اچي ويندو۔۔۔هاڻ هر فرقي وارن ۾ جنهن جنهن جي دل ۾ حسد آهي اهو ئي ماڻهو ان 72 واري فرقي ۾ اچي ٿو وڃي۔

جڏهن ته حسد اهڙي شيءَ آهي جيڪا انسان کي ئي تباهه ۽ برباد ڪري ٿي ڇڏي ته پوءِ ان حسد ڪرڻ واري ايمان ڪٿي سلامت رهندو، ۽ ايمان ختم ٿي ويو ته هر برائي ۽ بڇڙائي جا ڪم پيو ڪندو وتندو۔ وڌيڪ الله جي ذات بهتر ڄاڻندڙ آهي۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>