امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Thursday 18 April 2013

حضرت رابعه بصريه رحمته الله عليها



بصره جي هڪ غريب ۽ شريف النفس انسان اسماعيل، جيڪو نهايت عابد، زاهد ۽ وڏو متقي پرهيزگار بزرگ هيو، جنهن کي ٽي ڌيئرون هيو ۽ جڏهن چوٿين نياڻي پيدا ٿي ته ان جو نالو ان سوچ سان ”رابعه“ رکيائون ته رابعه بصري رح جو اسم مبارڪ اسلام جي انهن پاڪيزه ۽  نيڪ عورتن ۾ شامل ٿيندو آهي جن جي شروعات کان وٺي آخر تائين جي سموري زندگي فقر ۽ بي نيازي سان مشهور آهي.
رابعه رح جن جنهن ماحول ۾ اک کولي ته اهو ماحول الله جي رضا ۽ ان جي خوشنودي ، صبر ۽ شڪر جو عملي تفسير هيو. پاڻ جن جا والد سڳورا زماني جون سختيون سهندا هُئا، فاقه ڪشي واري زندگي گهاريندا هُئا، پر ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڦهلائيندا هُئا ۽ نه وري ڪڏهن قدرت خدا جي ڪا شڪايت ڪندا هُئا، ظآهر آهي ته اهڙي صابر ۽ شاڪر پيءُ جي نياڻي جيڪا فطرتي طور تي عابده ۽ زاهده به شروع کان ئي هجي، ته اها هر اچڻ واري زماني ۾ پنهنجي وقت جي صاحب عظمت ۽ خدا ترس خاتون ڪئين نه ٿيندي.
رابعه رح جو والد هڪ مفلوڪ الحال انسان هو. حالت اها هُئي جو جڏهن سندس جي ولادت ٿي ته ڪپڙو ، لٽو ته هڪ طرف ، گهر ۾ ڏيئي کي ٻارڻ لاءِ تيل به ميسر ڪون هيو، رابعه جي والده ماجده جناب اسماعيل کي چيو ته فلاڻي پاڙيواري وٽان ڪجهه تيل وٺي اچ ته ڏيئو ٻارجي، پاڻ اهو عهد ڪري چڪا هيا ته ڪڏهن به ڪنهن کان سوال ڪون ڪندس.پر موقعي جي مناسبت ۽ گهر واري جي زور ڀرڻ تي اتفاقن ڪنهن جي گهر تي ويا، پر اتان خالي هٿين واپس آيا ته گهر واري پڇا ڪئي ته ڇا ٿيو؟ فرمايائون ته انهن دروازو نه کوليو، جناب اسماعيل کي پنهنجي پاڙيواري جي بي رخي ۽ پنهنجو سوال ان وٽ کڻي وڃڻ جو وڏو صدمو پهتو. ان ئي حالت ۾ سوچيندي سوچيندي نند اچي وئي. خواب ۾ رحمت اللعالمين صلي الله عليه وسلم جن جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ سڳورن صه فرماين ته غمگين نه ٿي، تنهنجي گهر ۾ جيڪا ٻارڙي پيدا ٿي آهي اها الله جي وڏي برگزيده ٻانهي آهي. تون صبح جو بصره جي امير وٽ وڃ ۽ منهنجي طرفان هڪ ڪاغذ تي لکي ڏينس ته ” تون هر رات مون تي هڪ سو ڀيرا ۽ جمع جي رات تي چار سو ڀيرا درود شريف پڙهندو آهين. گذريل جمعي جي رات درود شريف پڙهڻ توکان وسري ويو آهي جئين ته ان جي عوض هن شخص کي چار سو دينار ڏئي ڇڏ تنهنجو ڪفارو ادا ٿي ويندو.“ حضرت رابعه رح جي والد حسب ارشاد هڪ تحرير لکي ۽ امير بصره وٽ وڃي پهتو. دربان جي هٿان عرضي موڪلي ڏنائين. اها تحرير ڏسي امير بصره تي وجد طاري ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن مونکي ياد فرمايو آهي ان جي شڪراني ۾ ڏهه هزاردرهم غريبن ۽ فقيرن ۾ تقسيم ڪيا وڃن ۽ چار سو درهم ان بزرگ کي ڏنا وڃن ۽ ان بزرگ کي اندر گهرايو وڃي ته جئين مان ان جي زيارت ڪري سگهان. پر وري هڪدم خيال آيس ته اها خلاف ادب آهي جو مان ان کي اندر گهرايان مان پاڻ ئي ٻاهر ان جي خدمر ۾ حاضر ٿيان ٿو ۽ ان جي رستي کي پنهنجي ڏاڙهي سان صاف ڪيان ٿو. جئين ته امير بصره پاڻ ٻاهر آيا ۽ حضرت رابعه بصري جي والد جا هٿ چميائين ۽ وڏي تعظيم ۽ تڪريم سان مسند شاهي تي ويهاريائين ۽ عرض ڪيائينس ته اڳتي به جيڪڏهن ڪا ضرورت هجي ته منهنجي خدمت حاصل ڪرڻ فرمائجو.
.(تذڪره الاولياءَ)


حضرت رابعه بصريه رحمته الله عليها معاملات ۽ معرفت و طريقت ۾ پنهنجو ڪو به ثاني نه رکندي هُئي پاڻ کي سڀئي وڏي بزرگ ۽ نهايت وڏي معتبر سمجهندا هُئا، حضرت حسن بصري رحمته الله عليه ان وقت تائين وعظ نه فرمائيندو هو جيسيتائين حضرت رابعه بصريه رحمته الله عليها پاڻ تشريف نه آڻن، اعتراض ڪرڻ وارن کي اهو فرمائيندي هُئي”جيڪو شربت هاٿين جي ٿانوَن جو آهي اهو ڪِيولين جي ٿانون ۾ ماپي نه سگندو۔“ پاڻ نهايت ئي پرده دار، عشق ۽ اشتياق سان لبريز، قرب ۽ جمال مريم جي ثاني هُئي، درويش صفت انسان پاڻ جن کي قلندر مڃيندا هُئا۔

پاڻ جن جا ڪجهه قول هيٺ اوهان جي نظر ڪجن ٿا۔

1۔ پاڻي ۾ ترڻ مڇي جو ڪم آهي، هوا ۾ اُڏڻ مک سان ٿي سگهي ٿو، ڪرامت انهن ٻنهي کان ٻاهر آهي۔
2۔ عجيب ۽ غريب فوق العادت معاملات ڏيکارڻ هڪ قسم جو مڪر آهي ۽ ڪرامت استقامت ۾ ئي آهي۔
دل کي قابو ۾ رکڻ ۽ اختيار هجڻ جي باوجود، ناجائز خواهشن تي عمل نه ڪرڻ اصل مردانگي آهي۔
هميشه سٺن ڪمن ۾ مشغل رهڻ جنهن سان ماڻهن کي فائدو رسي ۽ انهن جا ڏک ڏور ٿين، اها زندگي جي نشاني آهي۔
5۔ سڀ کان پهرين عقل ۽ علم سان قابليت پيدا ڪئي وڃي ته جئين خاصيتن ۽ بڇڙاين ۾ باريڪ بيني سان فرق معلوم ڪري صرف نيڪين تي عمل ڪيو وڃي۔
موسمن تي لطف اندوز ٿيڻ ڇڏي ڏيو، موسمن کي بڻائڻ واري کي سڃاڻو۔
جڏهن ته ڪا به عورت نبي مبعوث نه فرمائي وئي، ۽ ڪنهن عورت خدائي جو دعوو به ناهي ڪيو، پر اهو فخر به عورت کي ئي حاصل آهي ته ان جي ئي هنج ۾ انبيا ڪرام، صديقين، صالحين ۽ شهدا ڪرام جن پرورش پاتي آهي ۽ اهو ڪو گهٽ مرتبو ڪونهي۔
جهڙي ريت ميڻ پاڻ کي ساڙي ٻين کي روشني ڏئي ٿي، اهڙي ريت توهان به پنهنجي پاڻ کي ساڙيو ۽ ماڻهن کي روشني ڏيو۔
مونکي رحمآن جي دوستي مان ئي واندڪائي نٿي ملي ته شيطان سان دشمني رکان۔
10۔ جڏهن بندو الله تعالي ا جي قربت اختيار ڪندو آهي ته الله تعالي ا ان کي ان جي عملن جي نقصن جي طرف مائل ڪري ڇڏيندو آهي ته جئين پنهنجي انهن نقصن ۾ مشغول ٿي ڪري مخلوق طرف ان جو ڪو ڌيان ئي باقي نه رهي۔

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔