امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Monday 10 June 2013

منهنجي تعليم ۽ منهنجا استاد

مان پنهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو مان حاصل ڪئي، ان وقت منهنجو استاد سائين انور حسين مسڻ هو (مرادي)، ان کان پو سائين نادر علي ڪلهوڙو(باغ علي ڪلهوڙو)، سائين حمزه علي واهوچو(واهوچا وارهه)، سائين شير محمد واهوچو(واهوچا وارهه)، سائين عبدل الغفار سومرو(سائين عبدل الرحمان (نصيرآباد)، اهي سڀ استاد منهنجي پرائمري پنجين درجي تائين ترتيب وار استاد رهيا۔ ان کان پو مان پنجو پاس ڪيم ته منهنجي والد سڳوري مونکي پنهنجي هڪ حافظ دوست جي مدرسي ۾ ويهارڻ ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لا ضلعي دادو جي شهر خانپور ۾ جيڪو حاجي خان محمد جوڻيجو مرحوم (پ پ جو اڳوڻو رهنما) جي زير نگراني هلندڙ هو ،موڪلي ڏنو جتان مان ديني تعليم ۽ انگريزي تعليم به حاصل ڪرڻ لڳس، اتي والد صاحب جي محسن دوست سائين حافظ حاجن ڪلهوڙو (سيتا روڊ) جي نگراني ۾ قرآن پاڪ جي ناظره جي تعليم مڪمل ڪيم، اڄ سائين جن دنيا ۾ موجود نه آهن پر سندس جي رهنمائي، محبت ۽ تعليم جو انداز هميشه ياد رهندو الله سندس جا درجا بلند ڪري ۽ جنت ۾ اعلي ا جڳهه نصيب ڪري۔ آمين۔۔ ۽ وري پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ موجود ها اسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا ورتي جتي منهنجو استاد سائين سعيد احمد ڀٽي (باڊهه) انگريزي پڙهائيندو هو، ۽ سائين ذوالفقار علي سيال (حمزو ڀٽي) ڊرائنگ ۽ سائين نظر حسين ڪلهوڙو پرنسپال رهيو، وري مان ستين درجي کان ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي به سٺا استاد مليا، جن ۾ ليڊي ٽيچر مس فاطمه، مس خورشيد، سر سالار احمد ۽ ٻيا پڻ هُئا جن جا نالا ذهن مان نڪري ويا آهن۔۔ وري ڪجهه اهڙو معاملو ٿي پيو جو مان نائون ۽ ڏهون درجو وري پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيو، جتي به اهي ساڳيا استاد موجود هيا جن بهترين رهنمائي ڪري علم سان نوازيوسن 1997۔۔ ڏهون درجو پاس ڪري، نصير آباد ۾ موجود ڊگري ڪاليج ۾ يارهين درجي لا داخلا ورتم جتي سائين پروفيسر لعل بخش ڪلهوڙو(بائيو لاجي) جي گهڻي محبت ۽ شفقت نصيب ٿي، ۽ اتي پڻ سائين هارون احمد (اردو) سائين لطف الله وڳڻ (فزڪس) ۽ ٻيا استاد پڻ هُيا جن جا نالا ذهن ۾ نٿا اچن۔۔ٻارهين جماعت پري ميڊيڪل ۾ سن1999۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لا مان شاهه عبدل الطيف يونيورسٽي مان سن 2004 ۾ بي اي پاس ڪئي۔۔ٻارهين درجي ۽ بي اي جي مڪمل ٿيڻ جي وچ واري عرصي ۾ مان ڪراچي ۾ ئي ڪمپيوٽر ۽ انگلش لينگويج ۾ ڊپلوما ۽ ننڍا ننڍا ڪورس پڻ ڪيا پرائيويٽ ڪاليج مان ئي بي اي جي ڊگري حاصل ڪيم ان کان پو ڪراچي ۾ فيڊرل اردو يونيورسٽي مان ايم اي (آ ۔آر) مان سن 2010 ۾ پاس ڪئي جيڪا پرائيويٽ تعليم هُئي، ان کان پو هڪ نجي يونيورسٽي مان ايم بي ايMBA جي ڊگري حاصل ڪئي شام جا ڪلاس وٺڻ لڳس جتي به تمام بهترين استاد مليا جن مونکي هيومن ريسورس ۽ بزنس پڙهايو جيڪو سال ۾ مڪمل ٿي ويو آهي 2012 ۔اهڙي ريت هن مهل تائين منهنجي تعليم ، ايم بي اي تائين ٿي آهي انشا الله اهو تعليم حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو۔۔

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔